هن وقت سنڌ ۾ پاڻي مسئلو خاص ڪري سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو معاملو انتھائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ان تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ هڪ زبردست ۽ تاريخي مارچ ڪيو ويو ۽ ائين ٻيون به ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ڌريون، وڪيلن، شاعر ۽ اديب ان اهم سنجيده مسئلي تي سراپا احتجاج آهن.
دراصل هي معاملو هڪ انتھائي حساس ۽ اهم نوعيت جي پراجيڪٽ سان لاڳاپيل آهي. هي 6 نوان ڪينال ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کان الڳ ٿلڳ ناهن. اھي ڪڙي آهن جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي منصوبن لاءِ پوري ملڪ جي جيڪا 48 لک ايڪڙ زمين قبضو ڪري کنئي پئي وڃي، جنھن ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين به شامل آهي. هڪ ڳالهه ياد رهي ته سنڌ جي 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين اڳ ۾ ئي عسڪري ونگ سان لاڳاپيل گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو ڪمپني حوالي ٿي چڪي آهي. ۽ اڃان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. تنھن ڪري سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪينال به ان جو حصو آهن، جن وسيلي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي زمينن کي پاڻي پهچايو ويندو. سنڌي عوام جا مطالبا ڏاڍا آسان آهن. هڪ اهو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ زمينن هڙپ ڪرڻ بدران اها زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏني وڃي، ٻيو اهو ته سنڌو درياهه ۾ هن وقت ئي هڪ پاسي ارسا جي ڏاڍ ۽ زبردستي سبب سنڌ کي قانون موجب پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ته ٻئي طرف جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي سنڌ کي ملي ٿو اهو به ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن ۽ ڇھن نون ڪينالن سان بند ٿي ويندو. هن وقت اهي ڇھ ڪينال سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال بڻيل آهن. سنڌ سان صورتحال علامه اقبال جي هن شعر جھڙي آهي ته، “خداوندا يه تيري سادہ دل بندي ڪڌر جائين؟ ڪه سلطاني ڀي عياري، درويشي ڀي عياري” يا لطيف سائين ڪيڏي نه زبردست ڳالهه چئي آهي، “جه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير، ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي”. سنڌ ڪنهن کي چئي؟ وفاقي حڪومت يا شهباز شريف کي يا صدارتي محل ۾ ويٺل سنڌي صدر کي؟ يا سنڌ صوبي ۾ گذريل 16 سالن کان حڪمران بڻيل جماعت پيپلز پارٽي کي؟ پيپلز پارٽي جنھن جي ڪرم ۽ نوازشن کي جيڪڏھن شاعري جي لفظن ۾ بيان ڪجي ته، “دامن په ڪوئي ڇينٽ، نه خنجر په ڪوئي داغ، تم قتل ڪرو هو ڪه ڪرامت ڪرو هو”. ڊجيٽل آدمشماري وسيلي ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن جون سيٽون وڌائي باقي سموري سنڌ جون سيٽون گهٽائڻ بعد به پيپلزپارٽي معصوم ٿي پئي هلي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ، ملٽي نيشنل ڪمپنين حوالي ڪرڻ بعد پيپلز پارٽي جو عمل ڏسڻ وٽان آهي.
پنج هزار سال جي تهذيبي تاريخ رکندڙ سنڌ جي ان تهذيب جي ساکي سنڌو درياهه کي ختم ڪرڻ ۾ سهڪار هجي يا سنڌ ۾ انساني حقن جي پائمالي هجي. ارسا ايڪٽ ترميم ۾ صدارتي محل ۾ ويٺل زرداري صاحب جو ڪردار هجي يا مراد علي شاهه جو ڪردار، پيپلزپارٽي ائين پئي هلندي جهڙوڪ هي سڄي تباهي ڪنھن دشمن ملڪ اچي هتي ڪئي آهي. ٻيٽن تي قبضن لاءِ وفاق کي اين او سي به پيپلز پارٽي ئي ڏني هئي. ائين ئي هن دفعي ڇهن ڪينالن جي معاملي تي به ٿئي پيو. صدارتي محل ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ملڪ جو صدر آصف علي زرداري ڇهن ڪينالن ۽ گرين پاڪستان منصوبي تي عمل تيز ڪرڻ تي سهمت ٿئي ٿو ته ساڳئي وقت مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻيا اڳواڻ ڪينالن جي مخالفت ٿا ڪن. انھن ڪينالن مان هڪڙو ڪينال ڪڇي ڪينال به آهي. تازو جڏھن شهباز شريف ڪڇي ڪينال جو افتتاح ڪيو ته ساڻس گڏ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي به شريڪ هو. پر پيپلزپارٽي هاڻ مڪمل طور تي واضح ٿي آئي آهي جڏهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنھن ۾ هن گرين پاڪستان ۽ گرين سنڌ لاءِ پنھنجو نئون پلان اڳيان آندو آهي. هو چئي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم جيان ڇهن ڪينالن کي تڪراري نه بڻايو. ان جو مطلب ته اهي ڪينال زبردست آهن، رڳو پيپلز پارٽي سان معاملا سڌا ڪريو، باقي جيئن وڻي تيئن سنڌ جي ڀينگ ڪريو. ان ڪري هي تاريخ انتھائي نازڪ موڙ آهي. سنڌي عوام کي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن ۽ ڇهن نون ڪينالن خلاف تحريڪ کي زور وٺرائڻو پوندو ۽ سنڌو درياهه جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻائڻو پوندو. سنڌ جا ماڳ ڪارونجھر، ڪينجهر، منڇر، ڀنڀور، کيرٿر، نيشنل پارڪ کان ويندي دريا، زمينون ڌارين کي ڏيڻ جو ڪم پيپلز پارٽي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو آهي. سنڌ کي بچائڻ جو واحد حل جدوجھد ۽ تحريڪ آهي. سنڌي عوام اڄ روڊن تي نه نڪتو ته سڀاڻي فلسطينين کان وڌيڪ برو حشر اسان جو ٿيڻو آهي. رسول بخش پليجي صاحب چيو هو ته اسان جي مائٽن پنج هزار سال سنڌ ۽ سنڌو درياهه جو بچاءُ ڪيو آهي. ان ڪري تاريخ هاڻ اهو بار اسان تي رکيو آهي ته اسين پنھنجي سنڌ ۽ دريا جو بچاءُ ڪريون