مورو/سڪرنڊ(نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته 4 اپريل جو بدترين ڏينھن آھي،ان ڏينهن تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي چاڙھيو ويو، پ پ سدائين لاشن جا سودا ڪندي رهي آھي، اسان سڄي سنڌ کي دعوت ڏني آھي ته 4 اپريل تي مورو وٽ قومي شاهراهه ۽ نصير آباد وٽ انڊس هاءِ وي تي پرامن ڌرڻو ھنيو ويندو، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪينال ڪڍڻ سنڌو درياهه تي ڌاڙو آهي، ڪينال سنڌ لاءِ موت جو پروانو آھن، هن چيو ته پنجاب پنھنجا 3 درياهه وڪرو ڪري ڇڏيا ھيا، پنجاب ھن مھل به چار ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪري رھيو آھي، اسان وٽ 30 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي ۽ غير آباد آھي، هن چيو ته وڏو وزير چئي ٿو ته ڪينال نٿا ٺهن ته پوءِ پ پ احتجاج ڇو پئي ڪري، هوڏانهن رياض چانڊيو ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن سڪرنڊ مان ڏھ ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل اڳواڻ ساگر ملاح جي وارثن سان گهر وڃي ملاقات ڪئي ۽ آٿت ڏني.