ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) مملڪتي وزير جي گاڏي آڏو تڪراري ڪئنالن خلاف نعري بازي ۽ ٽماٽن ۽ بيضن جو وسڪارو . ان ڏس ۾ وفاقي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ٺٽي جي دوري بعد جھوڪ شريف وڃي رهيو ته ٺٽي شهر مان گذرڻ وقت ماڻهن شهر جي مک اسٽاپ تي مملڪتي وزير جي گاڏي آڏو اچي ڪئنال خلاف زوردار نعرا هڻندي گاڏي مٿان ٽماٽن ۽ بيضن جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيوم جنهن دوران ڊرائيور گاڏي جي رفتار تيز ڪري حملي ڪندڙن کان جان آجي ڪري اڳتي نڪري ويو، ٻئي پاسي مملڪتي وزير کيئل داس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ٺٽي جي دوري بعد جهوڪ شريف وڃي رهيو ته ٺٽي شهر مان گذرڻ دوران هڪ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن سندس گاڏي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو آهي، هن چيو ته هن ان سلسلي ۾ پڻ ٺٽي جي ايس ايس پي ملوث حملي آورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو چيو آهي، جڏهن ته هن ٿيل حملي بابت نواز ليگ جي اعليٰ قيادت کي به آگاھ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف پاران پڻ مملڪتي وزير کيئل داس تي ٺٽي ۾ سندس گاڏي تي ٿيل حملي جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي ملوث حملي آورن خلاف ڪاروائي جو چيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو، جوابدارن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي طرف رات دير سان ٺٽي ٿاڻي تي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ، ستاف اڳواڻ حيدر شورو سميت 8 ڄڻن خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. قلم 253, ڊيوٽي اٽڪاء ۽ قلم 341, 511,500, 504 ۽ 186 پي پي سي تحت رستا روڪ ڪرڻ جي الزامن داخل ايف آئي آر ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سيد جلال شاھ، حيدر شورو، ڪامريڊ حڪيم بروهي ۽ جاويد جانوري ۽ چئن اڻڄاتل ڪارڪنن کي نامزد ڪري انھن جي گرفتارين لاءِ پوليس پاران ڇاپاھڻڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آھي.