ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌو ڌرياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون پرائيويٽ ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف ڪراچي، ڄامشوري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ وڪيلن مظاهرا ڪيا ۽ بک هڙتال ڪئي. ڪراچي ۾ ايڊووڪيٽ خليل انصاري، ديدار چانڊيو ۽ اشفاق پنهور جي اڳواڻي ۾ ڪالهه سٽي ڪورٽ ۾ بک هڙتل ڪئي وئي، مظاهرين چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ غيرقانوني ۽ غير آئني 6 ڪينالن خلاف سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي روڪيو وڃي، گرين انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي  وفاقي حڪومت سنڌ جي زمينن کي غير آئيني طور ورهائڻ ختم ڪري، مظاهرين چيو ته اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهي, درياء ۾ پاڻي آهي ئي نه ته 6 ڪينال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن؟ وفاقي حڪومت اهيو منصوبو سنڌ کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي. ٻئي طرف ٽنڊي الهيار ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران صدر اغيث السلام، جنرل سيڪريٽري اختر لغاري جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.  موقعي تي ايڊووڪيٽ سائين بخش جروار، ضمير حيدر جعفري، سيد سجاد شاهه، دُر محمد سميجو ۽ ٻيا موجود هئا. ڄامشوري ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ريلي بعد ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، واجد خاصخيلي، مير احمد مڱريو، نور الاامين سپيو، حيدرانڙ، اعجاز اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو احتجاجي ڪئمپ تي يڪجهتي طور ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر جنرل سيڪرٽري اياز چانڊيو به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جوڊيشل ڪامپليڪسن آڏو ڌرڻو هنيو ويو. وڪيلن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو اسان جو ساھه آھي وفاق پنهنجي ڏاڍ ذريعي سنڌ جو پاڻي ته چوري ڪري ٿو پر هاڻ غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌو کي سڪائي ڪروڙين سنڌين جي زمينن کي تباھه ڪري اڃ مارڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي اسان سنڌ واسي وڪيل پنهنجي درياءَ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪنداسين درياھه مٿان ٺهندڙ ڪئنالن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ڪئنالن خلاف آخري حد تائين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسون ڪئنالن جي اڏاوت ڏاڍ ۽ جبر آهي جنھن کي سنڌ رد ڪري ٿي سنڌ جي شهرن ڳوٺن درياهن ذخيرن ٻيٽن تي بندوق جي زور تي قبضو ڪيو پيو وڃي جيڪو قبول ناهي.