خانيوال(م ڊ) پنجاب جي علائقي خانيوال ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌوءَ تي ڪئنالن خلاف هارين احتجاج ڪيو، ڪچا کوهه ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ انجم مزارعين پاڪستان جي ميزباني هيٺ ڪانفرنس ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ، حقوق خلق پارٽي ۽ ڪسان مزدور تحريڪ جا اڳواڻ به موجود هئا، ڪانفرنس ۾ خطاب دوران اڳواڻن سنڌوءَ تي تڪراري ڪئنال قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف ملڪگير تحريڪ هلائڻ جو به چتاءُ ڏنو ويو، هنن ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4 هزار روپيا مقرر ڪرڻ جي به گُهر ڪئي وئي