حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد زين شاهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ايس آءِ ايف سي جي شڪل ۾ وفاق ۾ شامل صوبن جي ملڪيتن ۽ قدرتي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪمپني سرڪار جي اهڙن فيصلن سان ملڪ اندر وڏي تباهي ايندي، ان قسم جا فيصلا دراصل فيڊريشن جي تصور خلاف آهن. هن چيو ته 8 مهينن جي لڳاتار عوامي جدوجهد کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي دٻاءَ ۾ اچي ڪينالن خلاف ڳالهائي رهي آهي، پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڳٺ جوڙ سان ئي 2023 واري پاس ڪيل ايڪٽ جي نتيجي ۾ ڌرتي ڌڻين جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو. 8 جولاءِ تي صدارتي حڪمن ذريعي ڪينالن جي منظوري ڏني وئي، پيپلز پارٽيءَ وارا ظاهري طرح ڪينالن جي خلاف آهن، پر قومي اسيمبلي ۾ اهڙن فيصلن خلاف قرارداد آڻڻ لاءِ تيار ناھن. هن چيو ته جيڪڏهن هو عوام جي پاسي بيٺل آهن ته کين 8 جولاءِ وارو صدارتي فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏئي چڪو آهي، پر دراصل اها زمين هڪ لک 90 ھزار ايڪڙ آهي. هن چيو ته اربين روپيا خرچ ڪري اسلام آباد ۾ ايس آءِ ايف سي ڪانفرنس گهرائي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن سياسي فيصلا سياسي فورمن تي نه ٿيا ته بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي درياهه بچايو واري هي تحريڪ عدم تشدد تي ٻڌل آهي، اسان جي هي تحريڪ پرامن تحريڪ آهي ۽ جي ان تحريڪ کي نه ٻُڌو ويو ته سنڌ جي ماڻهن جي ھي تحريڪ قانون ٽوڙڻ واري تحريڪ جو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ نوجوان جدوجھد دوران مزاحمت واري رستي ڏانھن وڃي سگھن ٿا هن چيو ته اسان ڪينالن جو فيصلو واپس وٺڻ تائين جدوجهد جي ميدان ۾ هونداسين، 19 اپريل تي شهيد هوش محمد پل کان باءِ پاس حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي ويندي، 20 اپريل تي ڪراچي ۾ مختلف جماعتن جي يڪجهتي ڪنسرڊ سٽيزن الائينس، 22 اپريل تي ڪراچي ۾ شاگردن جي احتجاج ۽ 26 اپريل تي لاڙڪاڻي کان قمبر تائين ريلي ڪڍي احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. اسين حڪمرانن کي ڪينالن جي رٿا ختم ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين. ھن چيو ته سنڌ جي ماڻهن پاران ڪينالن خلاف شروع ڪيل تحريڪ هن وقت پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي، هي جدوجهد ڪينالن واري فيصلي واپس وٺڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته ايس يو پي شاگردن، وڪيلن ۽ آبادگارن جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪمانڊ ايريا ايگريڪلچر آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي بند ڪري ايگريڪچلر کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي ملڪيتن کي پرائيويٽ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ ايندڙ نسل کي غلام بنائڻ برابر آهي. هن چيو ته پ پ کي احتجاج ڪرڻ بجاءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي، باقي احتجاج ڪرڻ ۽ عوامي رابطه مهم هلائڻ ڊرامو آهي. هن چيو ته گريٽر ٿل ڪينال جو بنياد به پ پ سرڪار وڌو هو پاڻي جي وارابندي به پ پ جو ڏنل تحفو آهي. ان موقعي تي روشن ٻرڙو، رمضان ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، سميع چانڊيو ۽ هنج راج پڻ موجود هئا.