سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج هلندڙ آهي ۽ انهن ڪئنالن کي سنڌ جو معاشي ۽ ماحولياتي موت تصور ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي عوام ۾ ڪئنالن خلاف سخت ڪاوڙ ۽ اشتعال آهي. سنڌ حڪومت به زباني ڪلامي ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهي آهي پر حڪومت طرفان ڪو سگھارو احتجاج سامهون اچي نه سگھيو آهي، نه ته هونئن اقتداري فارمولي تي عمل نه ٿيڻ تي پيپلز پارٽي مرڪزي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي پر ٻئي طرف ڪئنال ٺاهيندڙن تي ڪک به نٿو سَٺو وڃي. هاڻي ته سنڌ مان ڪئنالن جي مخالفت کي چٿڻ جي ڄڻ ته سنڌ انتظاميا کي اسائنمينٽ مليل هجي. موري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن تي بدترين تشدد ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪالهه وري ڄامشوري ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندڙ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردن جي پُرامن احتجاج تي بدترين تشدد ڪيو ويو، ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ان پُرامن احتجاج ۽ ان تي بدترين پوليس تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهيون پر مجال آهي جو سنڌ انتظاميا، جمهوريت کي لڄائيندڙ پوليس جي ان عمل جو نوٽيس وٺي ڪو تحرڪ وٺي.

احتجاج عوام جو جمهوري حق آهي پر جمهوريت جي دعويدار حڪومت ۾ ان جمهوري حق جو استعمال ڪندڙ شاگردن سان ڇا ڪيو ويو، “جمهوريت پسندي” جو اهو لقاءُ سڄي دنيا، ميڊيا جي ڳڙکيءَ مان انتهائي حيرت سان ڏٺو. دنيا ۾ عوامي احتجاجن جي تمام گھڻي اهميت آهي. اتي جا حڪمران عوام جي مزاج جي موسم جو اندازو احتجاجن جي نبض مان لڳائي وٺندا آهن پر اسانجي ملڪ جا حڪمران “احتجاج پروف” آهن، انهن تي عوامي احتجاج جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. ڪالهه سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي پوليس تشدد جا جيڪي لقاءَ هن جمهوريت پسنديءَ جي دعويدار حڪومت دوران نظر آيا، اهڙا لقاءَ ته غير جمهوري دورن ۾ نظر ايندا هئا. شاگردن سماج جو سڄاڻ ۽ باشعور پرت آهي. ان کان خوفزده ٿي جنرل ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي هئي. شاگردن يونين ملڪي سياست ۾ قيادت فراهم ڪرڻ جو ذريعو رهندي آئي آهي. رضا رباني، معراج محمد خان سميت ڪيترائي اڳواڻ شاگرد سياست مان قومي ڌارا ۾ آيا. جنرل ضياءَ کانپوءِ جمهوريت جون دعويدار ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون اقتدار ۾ آيون، سنڌ ۾ پڻ 17 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪمراني آهي، هر دور ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جا واعدا ته ڪيا ويا پر پابندي نه هٽائي وئي، جنهن جو سبب اهو ئي خوف آهي، جيڪو آمرن کي سماج جي ان باشعور پرت مان رهندو آيو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ کانپوءِ نومبر 1979ع ۾ اسانجي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ شاگردن آمريڪي سفارتخاني تي هلان ڪري 52 آمريڪين کي 444 ڏينهن تائين يرغمال بڻايو ويو. توڙي جو اسان ان عمل جي حمايت نٿا ڪريون، ڇو ته اهو سفارتي اخلاقيات جو معاملو آهي پر اسان ته رڳو ان خوف جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون، جنهن جي اثر هيٺ جنرل ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي. ان کانپوءِ جنرل ضياءَ انتهاپسند ڌرين کي اهو خال ڀرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا، جيڪا بنيادپرستي اڃا تائين سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.

سنڌ جو شاگرد طبقو انتهائي باشعور ۽ عوامي جدوجهدن ۾ هراول دستي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، جنهن جو مثال 4 مارچ 1967ع واري شاگرد جدوجهد آهي. اسان سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ٿا ته گرفتار شاگردن کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪيا وڃن. پُرامن شاگردن تي بدترين تشدد ڪندڙ ٿاڻيدار ۽ ان جي سنترين تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اها پڻ جاچ ٿيڻ گھرجي ته پُرامن ۽ هٿين خالي شاگردن تي اختيار ۽ اقتدار جي محور جي ڪهڙي سطح تان تشدد جو حڪم مليو؟ ان جي ذميوارن کي پڻ قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي. لڳي ائين ٿو ته شاگردن کي اشتعال ۽ ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ته جيئن شاگردن ۾ ڪاوڙ پيدا ڪجي ته جيئن احتجاج وڌن ۽ شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي، ڇو ته اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجھي ناهي ته سنڌ جي شاگردن جي اعليٰ تعليم تي ارهو ڪير آهي؟