ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي آبادگارن ، قومپرستن، سياسي ماجي ادبي اڳواڻ، وڪيلن سميت مختلف تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن نواب مير زبير ٽالپر ، پير اشفاق جان سرهندي ، اڳوڻي ايم پي اي مير علي نواز ٽالپر ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي عمران لغاري ، تحريڪ انصاف جي الطاف نظاماڻي ، عبدالجبار ميمڻ ، جمعيت العلما اسلام جي مولانا ابراهيم سومرو ، وحدت المسلمين جي سجاد ڊومڪي ، تحريڪ لبيڪ جي پير محمد علي جان سرهندي ، قومي عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ، عوامي تحريڪ جي هرچند لعل ، جسقم ( بشيرقريشي جي ) ظهور هاليپوٽو ، جسقم آريسر جي سڪندر سنڌي ، جسقم ( ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ) جاويد هاليپوٽو ، پ پ ش ڀ جي پير يونس جان سرهندي ، اهل سنت جماعت جي مولانا پير منصور جان سرهندي ، مخدوم علي رضا ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، اعجاز جسڪاڻي ، سول سوسائٽي جي مير ڪاظم رضا ٽالپر ، ڊاڪٽر لطف ٽالپر ، عبدالحفيظ سٺيو ، زاهد ڪولاچي ، انجنيئر عبدالحق زئور ، وقار ميمڻ ، ايڊووڪيٽ عبدالطيف سومرو ، ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ڪارڪنن حيدرآباد بدين روڊ ٽنڊوسائينداد کان پيادل مارچ ڪري شهر جي مختلف علائقن کان گذرڻ کانپوءِ الفتاح چوڪ تي تاريخي ڌرڻو هنيو، احتجاج سبب حيدرآباد بدين روٽ جي 5 ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام لاءِ جياپي جو اهڙو اشو آهي جيڪو زندگي ۽ موت سان تعلق رکي ٿو جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام پنهنجي آخري پساھ تائين ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندو ، پيپلز پارٽي ڪئنالن جي رد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي عوام سان اڃان تائين مخلص نه رهي آهي حيدرآباد جي احتجاج سميت اڃان تائين حڪومت کان ڪئنالن جي رد ڪرائڻ لاءِ وفاق کان الڳ ٿيڻ جو ڪو به اعلان نه ڪيو ويو آهي ، جنهن جي ڪري ڪئنال جي اڏاوت جو ڪم جاري آهي سنڌ جي بهادر وڪيلن، قومپرست سياسي سماجي تنظيمن جي ٻٻرلو باءِ پاس واري شروع ڪيل ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ جو عوام شرڪت ڪندو ، وفاق فوري طور ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ هاڻي احتجاج کانپوءِ ڌرڻن ۾ تبديل ٿي حڪمرانن لاءِ سندن حڪومت جو خاتمو آڻڻ سان گڏ ڪئنالن کي رد ڪرائي پنهنجا مطالبا پاڻ پورا ڪرائيندا . جنهن جي ڪري اعلى اختيارين کي سنڌ ۽ پاڪستان جي زراعت کي ۽ معيشت کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان دشمن ڪئنالن جو فيصلو هر صورت ۾ واپس وٺڻو پوندو ، احتجاج ۾ شامل هزارين ڪارڪنن ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هنيا.