ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج، ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي سڏ تي ڌرڻو جاري، اڄ روهڙي وٽان موٽر وي ۽ ڏهرڪي وٽان ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جو اعلان، سکر-ملتان موٽروي، ڪراچي ايئرپورٽ تي به ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. ڪالهه ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، رات هجي يا ڏينهن aڌرڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شهرين جي آمد جاري رهي، ڪئنال نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست اڳواڻن سميت استادن ۽ شاگردن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ريلي جي صورت ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي،عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس پهتا، وسند ٿري جي اڳواڻي ۾ ڪئنال رٿا خلاف جاري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي، جڏهن ته ڪمون شهيد ۽ ڪنڌڪوٽ جي گولا موڙ انڊس هاءِ وي تي به ڌرڻا جاري رهيا، سنڌ جو پنجاب، بلوچستان سان روڊ رابطو ڪاٽا ٿي ويو، ملير ۾ به وڪيلن ڌرڻو جاري رکيو، وڪيل اڳواڻن نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ذوالفقار جلباڻي چيو آهي ته 48ڪلاڪن جو الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد سنڌ پنجاب جي پهرين ريلوي اسٽيشن ڏهرڪي آھي، پهريون ڏهرڪي ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين، ڪراچي ايئرپورٽ تي به ڌرڻو هڻنداسين. ڪئنال رٿا رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ سکر ملتان موٽروي به بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو. هوڏانهن ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فيصلو ڪري آيا آهيون ته نوٽيفڪيشن ملڻ تائين واپس نه وينداسين، هو جيڪڏهن چاهين ٿا ته جلد کان جلد معاملا بهتر ٿين ته ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪن، عامر وڙائچ چيو ته حڪومت طرفان گذريل ڏينهن رابطو ڪيو ويو هو، چيو ويو ته خيرسگالي طور ڌرڻو ختم ڪيو، مون چيو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، ڪنهن ۾ به ايترو دم ناهي جو ميري اک کڻي ڏسي پر اسان پنهنجي مسئلي تي ويٺا آهيون، اوهان اسان کي نوٽيفڪيشن ڏيو، اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، چيو ويو ته توهان کي وزيراعظم ۽ بلاول صاحب جي ڳالهه تي يقين نه ٿو اچي، مان جواب ڏنو ته ڳالهه يقين جي ناهي، جڏهن اوهان زبان سان چئو ٿا ته اهو لکي ڏيڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي ؟ عامر وڙائچ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ واسين کي ڌرڻي ۾ پهچڻ جي اپيل ڪئي. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو اعلان ڪندي چيو ته جيستائين ڪئنال رٿا جو نوٽيفڪيشن جاري ۽ زمينون واپس نه ٿيون ٿين، احتجاج جاري رهندو، ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته ڊرامو قبول نه ڪنداسين، جيستائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو، جدوجهد جاري رهندي، اڄ روهڙي انٽر چينج تي ڌرڻو هڻي موٽروي بند ڪنداسين، وزيراعظم جي ڳالهه تي يقين ناهي، جيڪي به روڊ بند ڪري ويٺا آهن، انهن جي آجيان ڪريون ٿا، جي يو آءِ جو فيصلو آهي ته بارڊر بند ڪنداسين، وڪيل اڳواڻن، زين شاهه، اياز لطيف پليجو، صنعان قريشي ۽ ٻين اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون آهن. جڏهن ته جونيئر ذوالفقار جي ٻٻرلوءِ پهچي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ڪئنال رٿا خلاف احتجاجن سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون، جونيئر ذوالفقار ڪئنال رٿا خلاف جدوجهد ڪرڻ تي عامر نواز وڙائچ کي جهُڪي مليو ۽ تحريڪ ۾ ٻڌي جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف سنڌو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ زين شاهه ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وڪيلن سان گڏ اسان جا به 2 مطالبا آهن ته ڪئنال رٿا ختم ڪريو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون واپس وٺو، اهي مطالبا منظور ٿيڻ کانسواءِ احتجاج ختم نه ڪنداسين، هن چيو ته نائب وزيراعظم رات چيو ڀارت پاڻي بند نٿو ڪري سگهي، پهرين پڇڙي وارن جو حق آهي، اسان وفاق جي انهي موقف جي حمايت ڪريون ٿا پر اُن جو به جواب ڏيو ته پنجاب لاڳيتو پڇڙي وارن جو حق ڇو ماري رهيو آهي؟، ڪئنال ختم ٿين ۽ زمينون واپس نه ٿين ته سڄو بار اسان جي آبپاشي نظام تي پوندو، اسان جي ٻين واهن جو پاڻي کڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جون زمينون آباد ڪيون وينديون، وڏو وزير وفاق جي فيصلن جو ڀلي دفاع ڪري پر پاڻ جيڪي زمينون ڏنيون اٿن، اُهي ته واپس وٺن.