ڪراچي(نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو تڪراري ڪئنالن خلاف ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڌرڻي ۾ وڪيلن سميت سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ڪمون شهيد، ڪنڌڪوٽ ۽ ملير ۾ به وڪيلن جا ڌرڻا جاري، خبر موجب ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو تڪراري ڪئنالن خلاف ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي، ڌرڻي ۾ وڪيلن سميت سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪمون شهيد، ڪنڌڪوٽ ۽ ملير ۾ به وڪيلن جا ڌرڻا جاري رهيا، ڪمون شهيد ۾ سنڌ پنجاب دنگ تي وڪيلن جو ذوالفقار جلباڻي، عبدالفتاح سميجو، عبدالرزاق، لياقت ملاڻو، قادر بخش ڀٽي جي اڳواني ۾ ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن سبب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان طرف ويندڙ ٽريفڪ مڪمل معطل رهي، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي، قومپرست ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ چوٿين ڏينهن به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن سنڌ هاءَ ڪورٽ جا مک گيٽ بند ڪري سائلن ۽ عملي کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني، وڪيلن موجب رٿا جي خاتمي تائين عدالتي ڪارروايون معطل رهنديون، هوڏانهن  ملير ۾ وڪيلن ۽ سول سوسائٽي پاران ٽين ڏينھن بھ ڌرڻو جاري رکي  نيشنل ھاءِ وي ۽ ايم نائين موٽروي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ کي بند رکيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳل هيون، ڌرڻي ۾ ملير بار جو صدر ارشاد شر، اياز چانڊيو، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ، يعقوب خاصخيلي، ڊاڪٽر ادريس آرائين ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، حيدرآباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران اڪبر جهيجو ۽ مجيد قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ن کان سواءِ آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن پاران اسدالله دراني، اشرف بوزئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سکر ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران مقبول احمد مهر جي اڳواڻي ۾ مينارا روڊ کان ريلي ڪڍي وئي، ميرپور خاص ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران عابد ڪوري، بلال پنھور، ببلو سنڌي ۽ شھباز پنھور جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ بروھي ھوٽل کان پريس ڪلب تائين چنگچين ۾ چڙھي ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ آپڪا ضلعي طرفان ريلي ڪڍي رفيق احمد جتوئي، مبين خان ٻرڙو، اسدالله ميرجت، يارمحمد مڱڻيجو، محمد بخش ڪنڀر، عطاءُ الله ميرجت، منور ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پوءِ آفيسرن، استادن ۽ ملازمن سجاد شاھ، منظور پنھور، ساجد قيوم ميمڻ، پير بخش بجير، الله وڌايو سھتو، تسليم مرزا، مير علي احمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ حمايت طور لمس مان ايوب لاشاري  استادن طرفان پروفيسر محمد حسن اگھيم، جمال منگي، ملازمن طرفان غلام نبي ڀلائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٽنڊي محمد خان ۾ عوامي تحريڪ طرفان هرچند لعل ، ڊاڪٽر مشتاق شورو ، هاشم لغاري ، غلام علي ، ڀارو مل ، علي شير پرهياڙ ، گلاب گواريو ، ٽيڪچند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾علامتي بک هڙتال  ڪئي وئي، دادو ۾ پوليس پاران ڪئنالن خلاف ڌرڻو زوري ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ٻرڙا شاخ وٽ عزيز خشڪ ۽ اعجاز لنڊ جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن دادو، ڄامشورو ۽ دادو لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪئي ته پوليس پهچي وئي، شھدادڪوٽ ۾ڳوٺ نورپور جي رهواسين کبڙ خان مغيري اسمائيل مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ امام بخش جمالي روڊ تي ڌرڻو هنيو، قمبر ۾ نوجوانن واجد گوپانگ، طالب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ پاران باءِ پاس انڊس ھاءِ وي گولا موڙ تي چوٿين ڏينهن تي به شامياڻو ھڻي عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺٽو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران راشد خاصخيلي، توفيق ساند، معراج رزداري ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ موٽر سائيڪلن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، گهارو ۾ نجي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڏهرڪي ۾ پنجين ڏينهن به قومي شاهراهه تي ذوالفقار جلباڻي جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته آبادگارن پاران ٽريڪٽرن جي ريلي ڪڍي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو، محبت ديرو ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪري سليم ڏھراج، رانا معشوق راجپوت، عبدالنبي ڀٽو، ايوب عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، وارهه ۾ واپاري، دڪاندار ۽ ٽرانسپورٽر اتحاد جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪري پنھل عباسي، نجيب چانڊيو، جاويد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي، قاضي احمد ۾ ڳوٺ علي رضا کوسو موري واسي ڳوٺاڻن انور کوسو، مير حسن کوسو ۽ جنسار چانڊيو جي  اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، شهدادپور ۾ صحافين غلام حسين ڀنڀرو، رفيق شيخ ۽ حميد کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٺڪراٺو ۾ شٽربند ھڙتال ڪري صلاح الدين ڀٽي، علي نواز ڀٽي، عبدالفتح مھر، عبدالمجيد مھر، سميع الله مھتم، ظفر علي ۽ نويد علي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٺري ميرواھه ۾ پيرا ميڊيڪل عملي عطامحمد لغاري، وحيد جوڳي، الھداد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال آڏو مظاھرو ڪيو، ڪنڊيارو ۾ پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي اڳواڻن منٺار خاصخيلي، مراد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سنگرار ۾ سنگرار تڪراري ڪئنالن خلاف آر ايچ سي ٽگهاٽي اسپتال جي اسٽاف ڊاڪٽر الطاف مهر، ڊاڪٽر عبدالواحد منڱريو، يونس منڱريو، غلام مصطفيٰ گبول، هادي بخش منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڪوٽڙيءَ ۾ آل پاڪستان ميونسپل ايمپلائيز يونين طرفان عبدالرشيد بلوچ، قمبر قريشي، عاشق علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوري آباد ۾ سول سوسائٽي ۽ قومپرست اڳواڻن پاران موٽر وي بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، خدآباد واسين دادو ، ڄامشورو انڊس هاء وي تي ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، سيوھڻ ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن ڊاڪٽر الياس ڀٽو، سجاد بڙدي، سرفراز رند، عبدالنبي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  موبائيل جون بتيون ٻاري ريلي ڪڍي، ٽنڊي ڄام ۾ وڪيلن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي سھڪار سان حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي ڌرڻو  هنيو ويو، ڪڪڙ ۾ نوجوان اتحاد جي ڪارڪنن طرفان شھباز جوڻيجو ، سيد مھتاب شاه ، آڪاش ملاح ، نثار نوداڻي ، واجد ھنڱورو ، ساجد ٻٻر ، زئنوار جوڻيجوجي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، ڀان سيد آباد ۾ انڊس هاء وي تي پير شاخ ۔خدا آباد ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن شاهنواز برماڻي اشرف لغاري عباس علي قريشي مقيم خان ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو، ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي، سعيد پنھور، دادو بار جي صدر  عبدالخالق ٻگھيو ۽ ٻين وڪيلن پاران چوٿين ڏينھن به عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو، سيتاروڊ ۾ عوامي پورهيت تحريڪ پاران جي ايم کوسو، اعظم کوسو، صائمه کوسو، محبوب سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڦاٽڪ چوڪ تائين 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، ٺل ۾ جي يو آءِ طرفان ڊاڪٽر اي جي انصاري، حافظ مير محمد بنگلاڻي، ڊاڪٽر خليل احمد کوسو، مولانا عبدالجبار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، ٻئي طرف  خانگي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران به احتجاج ڪيو ويو، رتو ديرو ۾ سول سوسائٽي پاران انڊس هاءِ وي تي ڇهين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي سبب پنجاب سميت ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ  بند رهي، نئون ديرو ۾ شگر مل باءِ پاس وٽ سول سوسائٽي پاران تڪراري ڪئنالن خلاف خالد ڪوري، فياض ابڙو، عيسيٰ جتوئي، سرتاج شيخ، راحيل ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳايل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي نئون ديرو ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن سليم چنو، شاهد ميان ڀٽو، صاحب خان شيخ، مشتاق مڱريو، اختيار سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باب ذاولفقار کان ريلي ڪڍي، تنگواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سچل ملڪ، ارصلاح بھلڪاڻي، ڊاڪٽر قدرت الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، وڪيل اڳواڻن چيو آهي ته جيستائين سنڌ دشمن ڪئنال رٿا جو فيصلو واپس وٺي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو تيستائين سمورا ڌرڻا جاري رھندا.