حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج ۽ وڪيلن جي جدوجھد کي سلام سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي، چولستان ۾ ڇهن ڪئنالن جي تعمير خلاف وڪيلن جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪندي، سندن جدوجھد کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ ان عزم جو اظھار ڪري ٿي سانا ھر فورم تي سنڌي قوم سان ٿيندڙ هن ناحق منصوبي جي سخت مذمت ۽ مذاحمت ڪندي،سنڌو درياهه سنڌ جي جيئڻ جو وسيلو آهي، جنهن تي ڪنهن به غيرقانوني، غيرمنصفاڻي ۽ سنڌ دشمن منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو سانا واضح موقف اختيار ڪندي اعلان ڪري ٿي ته اسان ڪنھن صورت ۾ به سنڌو درياهه تان ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت کي قبول نه ڪنداسين. اسان هن ناانصافي خلاف سڀني بين الاقوامي فورمن تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنداسين ۽ سنڌ جي عوام سان گڏجي هر ممڪن قانوني ۽ سياسي قدم کڻنداسين.