
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءَ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر پاران بلوچستان واقعي تي بحث ڪرائڻ جو مطالبو به اجلاس جي صدارت ڪندڙ پرزائيڊنگ آفيسر رد ڪري ڇڏيو، معمول جي ڪارروائي هلائڻ بعد صدراتي خطاب تي بحث شروع ڪرايو ويو، اپوزيشن ليڊر بلوچستان واقعي کي انٽيليجنس جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو ، وفاقي وزيرن بلوچستان صورتحال تي ڪو پاليسي بيان نه ڏنو تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس پينل آف پرزائيڊنگ عبدالقادر پٽيل جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو، پينل آف پرزائيڊنگ آفيسر مخالف ڌر جي مطالبي کي نظرانداز ڪندي معمول جي ڪارروائي شروع ڪندي چيو ته صدر جي خطاب تي بحث ٿيندو، ان ۾ بلوچستان سميت چئن صوبن جي صورتحال تي ڳالهائي سگهجي ٿو. جنهن تي مخالفت ڌر گوڙ ۽ احتجاج ڪيو ۽ بعد ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ مخالف ڌر جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ايوان مان هليا ويا. جڏهن ته ڪورم جي نشاندهي تي اجلاس جي ڪاروائي روڪي ڳڻپ ڪئي وئي ته ڪورم پورو نڪتو. پينل آف پرزائيڊنگ عبدالقادر پٽيل قومي اسيمبلي ۾ صدارتي خطاب تي بحث شروع ڪرائيندي اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو .قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان جعفر ايڪسپريس واقعي کي انٽيليجنس جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ ٽرين حادثي تي بحث ڪرڻ گهرجي ها. بي ايل اي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، جعفرايڪسپريس ٽرين واقعو انٽيليجنس جي ناڪامي آهي، 50 يا 80 دهشتگرد ڪئين گڏ ٿي ويا ۽ انهن کي گڏ ڪين ٿيڻ ڏنو ويو؟ ايجنسين جي لاپرواهي جو نتيجو ڪير ڀوڳي رهيو آهي؟ اسان پاڪستان خلاف هٿيار کڻڻ وارن جي مذمت ڪريون ٿا، اسان انٽيليجنس جي ماڻهن جي به مذمت ڪريون ٿا جن جي غفلت سبب هي واقعو پيش آيو آهي. عمر ايوب چيو ته ملڪ ۾ غير اعلانيل مارشلا آهي، حمود الرحمان رپورٽ، ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي واقعي جي رپورٽ، پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي رپورٽ به سامهون نه آئي آھي. اپوزيشن ليڊر چيو ته ڏنڊي جي زور تي حڪم آيو ته چون ٿا وفاق پاڻمرادو سنڌ جو پاڻي کڻندو، پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءُ آڻي رهي آهي، ڀلي ووٽنگ ٿئي يا نه پر اسان جو ڪم ٺهراءُ آڻڻ آهي، ڏسون ٿا پيپلز پارٽي جا ماڻهو سنڌ جي مفادن کي سپورٽ ڪندا يا نه، سنڌ جي عوام کي ٻڌائينداسين ته اپوزيشن توهان جي حقن لاءِ ڳالهايو، پر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ توهان جي پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو آهي، هن چيو ته اوهان کي اختر مينگل ۽ محمود اچڪزئي جا گهر نظر اچن ٿا، دهشتگردن جا گهر ڇو نظر نه پيا اچن؟، ڇا دهشتگرد گولي هڻندا آهن اِن ڪري نظر ناهن ايندا 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي ڪميشن قائم ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اپوزيشن ليڊر پاران اٿاريل معاملن تي حڪومت طرفان جواب ڏيڻ کان بغير ئي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري مامري خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اعلان ۽ پيپلزپارٽي مٿان تنقيد تي ڪنهن به پيپلزپارٽي جي ميمبر اپوزيشن ليڊر کي جواب نه ڏنو. قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران عمر ايوب چيو ته بلاول ڀٽو 9 ارب رپيا وٺي سنڌ جي حقن جو سودو ڪيو آهي، ننڍن صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪئنالن جي رٿا نه آڻڻ گهرجي.