لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب محسن نقوي وزيراعظم سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي ، جنهن ۾ هن وزيراعظم کي افغان شهرين جي واپسي لاءِ جاري آپريشن بابت به آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ تي عوامي ردعمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته گهرو وزير بجلي اگهه گهٽائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. ذريعن موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي حوالي سان کنيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.