ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ آل پاڪستان لائرز ڪنوينشن، وڪيلن تڪراري ڪئنالن، 26 هين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ ۽ گرين انشيٽو پراجيڪٽ رد ڪري ڇڏيا، ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، فيصلو واپس نه وٺڻ تي ڪمون شهيد يا ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان، ڪالهه سٽي ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ ملڪ جي مختلف بارز جي عهديدارن شرڪت ڪئي، ڪنوينشن ۾ شريڪ وڪيلن سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ، گرين انشيٽو پراجيڪٽ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ کي رد ڪري ڇڏيو، وڪيلن سخت نعريبازي ڪئي، پنڊال “ڪئنال سمورا نامنظور” جي نعرن سان گونجندو رهيو. ڪراچي بار جي نائب صدر ڪاظم مهيسر چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، 1940 جي قرارداد تحت سنڌ پاڻي جي حصي ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڪاظم حسين تقرير دوران صدرآصف زرداري جو نالو ورتو ته پيپلز لائرز فورم جي وڪيلن نعريبازي ڪئي. ڪاظم حسين چيو ته نگران سرڪار 53 هزار ايڪڙ زمين ڏني، پ پ سنجيده آهي ته اها زمين واپس وٺي، ٺٽو، بدين، سجاول تباهه ٿي رهيا آهن، اسان سنڌو لاءِ وڙهندا سين، ٽنڊو محمد خان بار جي صدر منظور پنهور چيو ته صدر سي سي آئي جو اجلاس ڇو نٿو گهرائي؟ آخر ڪهڙي مجبوري آهي، پ پ سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته اسان جو موقف سو سيڪڙو درست آهي، دريا تي ڪئنال نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين جون زمينون سمنڊ برد ٿي رهيون آهن، اسان ارسا جي جوڙجڪ تي اعتراض ڪيو آهي، مشرف 2000ع ۾ هڪ آرڊر جاري ڪيو ته وفاق جو نمائندو سنڌ مان هوندو. هن چيو ته ايڪنڪ ۾ به اسان جي نمائندگي درست ناهي، ان کي درست ڪرائڻو آهي. هن چيو ته تفريق وارا نعرا نه هڻو، چونڊيل نمائندن تي اعتماد ڪريو، سي سي آئي اجلاس ٿيڻ ڏيو. بيريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته عامر وڙائچ تي حملو اسان سڀني تي حملو آهي، رياستي ڌمڪين باوجود ڪنوينشن منقعد ڪيو ويو. هن چيو ته چولستان جي آبادگارن ڪڏهن به مطالبو ناهي ڪيو ته ڪئنال ڪڍي پاڻي ڏيو. پيپلز لائرز جا دوست پارٽي قيادت کي چون ته ٽن هفتن ۾ ڪئنال وارو فيصلو واپس نه ٿيو ته صدارت تان هٿ کڻو، پوءِ ئي سنجيدگي جي خبر پوندي. هنچيو ته جنهن جج صحافي فرحان ملڪ کي ضمانت ڏني، ان تي تشدد ٿيو، کيس بدلي ڪيو ويو. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين کي اوهان ريگستان ٺاهي ڇڏيو آهي، 22 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي وئي، سنڌ جو عوام ڪئنالن کي قبول نه ڪندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪير سهولتڪار بڻجي ۽ تارا مسيح به بڻجي؟ بدين بار جي سيڪريٽري امير آزاد پنهور چيو ته بدين ۾ ٻنيون ۽ پاڻي رقص ڪندا هئا، اتي اڄ فصل نه پر ويراني آهي، ماڻهو پاڻي لاءِ ترسن ٿا، هاڻي اسان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنداسين. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر حيدر امام رضوي چيو ته عوام ۽ آئين کي چٿي ڪينال ٺاهيا پيا وڃن، بلوچستان ۾ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو، بلوچستان ۽ سنڌ جي صورتحال هڪ جهڙي آهي، 26 آئيني ترميم آندي وئي ته جيئن عدالتون سندن چوڻ تي ڪم ڪن. چيو وڃي ٿو ته سپريم ڪورٽ وينداسين، توهان ڪهڙي آئيني بينچ وٽ ويندو؟ جيڪا 26 هين آئيني ترميم کي رد نٿي ڪري، هن جمهوريت کان بهتر دور مشرف جو هو، گهٽ ۾ گهٽ مشرف دور ۾ اهڙي سهولتڪاري نه هئي، هن چيوته پ پ وارن جهڙي ڦڙتي 26 آئيني ترميم تي ڏيکاري، ڪئنالن واري معاملي تي به ڏيکارين، سنڌ حڪومت تان هٿ کڻن، بجيٽ ۾ ووٽ نه ڏين. آئون ڪراچي وارن کي چوندس ته توهان پاڻي ڦڙي لاءِ ترسندو،اڄ 10 هزار ۾ ٽينڪر ملي ٿو، سڀاڻي اهو به نه ملندو. هن چيو ته پاڻي لاءِ وڙهندا سين، لاهور بار جي ملڪ آصف چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انشيٽو متعارف ڪرائيندڙ ان پراجيڪٽ تحت ڪينال ڪڍڻ چاهين ٿا، هي چون ٿا ته انقلاب اچي رهيو آهي، اوهان پنهنجا ڪم ڇڏي باقي سڀ ڪم ڪري رهيا آهيو، زمينون اسان جو مسئلو آهن، زمينون ڄاڻن اسان ڄاڻون، اوهان وڃي پنهنجا ڪم ڪريو، توهان لانگ مارچ يا اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪريو، لاهور جا 45 هزار وڪيل شريڪ ٿيندا، ڪئنالن واري معاملي تي لاهور ۾ ڪنوينشن ڪرائينداسين، بلوچستان بار جي وائيس چيئرمين راحب بليدي چيو ته ڪينالن خلاف سنڌ جو عوام، وڪيل ،آبادگار متفق آهن،ڪراچي ۾ پ پ حڪومت سمي بلوچ کي روڊ تي گهليو، بلوچستان ۾ ماهه رنگ گرفتار ٿي، پ پ ايوب، يحيا ۽ ضياءَ جي آمريت کان بدتر آهي، ڪينال ٺهيا ته سنڌ جي وجود کي خطرو ٿيندو، سنڌ کي خطرو ٿيندو ته بلوچستان قرباني ڏيندو، بلوچستان بار طرفان سنڌ جي وڪيلن جي هر جدوجهد جي حمايت ڪنداسين، قانوندان عابد زبيري چيو ته ڪئنالن جو معاملو اڄوڪو ناهي، 5000 سال اڳ جڏهن درياءُ رخ موڙيو ته شاندار شهر موهن جو دڙو بڻجي ويو، هاڻي ڪئنال ٺهندا ته سنڌ موئن جو دڙو بڻجي ويندي، پ پ ڀٽو جي ٺهيل آئين کي 26هين آئيني ترميم آڻي ٽوڙي ڇڏيو، اسان کي 1973 جو آئين اصل حالت ۾ کپي. ناليواري ايڊووڪيٽ علي احمد ڪرد چيو ته اسان جو هر وڪيل بهادر جرئتمند آهي، ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمرشل پراجيڪٽ آهن، انهن مان جن کي فائدو ملندو، اهي نامعلوم اسان کي “معلوم” آهن. سنڌ ۾ زبردست قومپرستي آهي، توهان جو خيال آهي ته اهڙي باشعور قوم جي دريا مان ڪينال ڪڍي پئسو ٺاهيندو، منهنجي خيال ۾ اهو ناممڪن آهي. سنڌو دنيا جو عظيم دريا آهي، انهي جدوجهد ۾ منهنجو ڪردار شامل هوندو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته آئون حملو ڪندڙن ۽ ڪرائيندڙن کي سڃاڻان ٿو، توهان 6 ماڻهو موڪليا، همت آهي ته سامهون اچي وڙهو، هن چيو ته راڻا ثناء چوي ٿو ته هي وڪيل بيهي نه سگهندا، اسان 72 ڪلاڪن جو وقت ڏيون ٿا فيصلا واپس وٺو، فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪري ڇڏينداسين، ٿي سگهي ٿو ته اسان جي جان وڃي يا جيل موڪليو وڃي پر اسان تيار آهيون. هن چيو ته ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جي به تجويز آهي، مشاورت ڪنداسين ته ڌرڻو ڪمون شهيد تي ڌرڻو هڻون يا ٻٻرلو بائي پاس تي ڌرڻو هڻون؟