اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پيپلز پارٽي تڪراري ڪئنال رٿا خلاف قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، پ پ جي پارلياماني ليڊر شيري رحمان ميمبرز جي صحيُن سان ٺهراءُ جمع ڪرايو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ کوٽ هڪ صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽُو رٿائن سان پڇڙيءَ واري صوبي سنڌ تي سنگين اثر پوندو، سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهي آهي، صوبن ۾ پاڻيءَ جي شفاف ورڇ يقيني بڻائڻ لاءِ 91ع واري ٺاهه تحت ارسا قائم ڪئي وئي، وفاق جي ذميواري آهي ته ٺاهه ۽ قانون تحت ارسا جي جوڙجڪ ڪندي شفاف ورڇ يقيني بڻائي، ٺهراءُ موجب ارسا جي غيرقانوني جوڙجڪ بعد ڪئنال اسڪيم لاءِ پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو، پ پ جي ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار قانون تحت ارسا جي جوڙجڪ ڪندي سنڌ مان وفاق جو نمائندو مقرر ڪري، سي سي آءِ ۾ سنڌ سرڪار جي اپيل التوا هيٺ هجڻ ڪري ايڪنڪ ڪئنال رٿا جي منظوري نٿي ڏئي سگهي، نه ئي ڪنهن حڪومت پاران اُن تي ڪم ڪرائي سگهجي ٿو، ارسا جي غيرقانوني جوڙجڪ ۽ ڪئنالن لاءِ سرٽيفڪيٽ خلاف سنڌ سرڪار جي اپيل تي سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرايو وڃي، قومي اتفاق راءِ ۽ آئيني طريقيڪار بنا پاڻيءَ بابت رٿا تي ڪم نه ڪيو وڃي. هي ايوان سختيءَ سان سفارش ڪري ٿو ته ڪنهن به ڪئنال کي شروع نه ڪيو وڃي.