ٺٽو/ گهارو/دڙو (نمائندن وٽان) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته درياهه تي ڌاڙي خلاف هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو جدوجھد ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو درياهه اسان لاءِ ڪرنگھي جي هڏيءَ برابر آهي ۽ جيڪي ماڻهو سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڪئنال خلاف آواز اٿاري رهيا آهن، اهي تحريڪ جو حصو بڻبا، ٺٽي جي دوري دوران مڪلي تي پارٽي ورڪر نظر پالاري جي وارثن ڊاڪٽر لکمير پالاري ۽ ٻين سان تعزيت ڪرڻ بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻي ھڪ مخصوص طبقي کي خوش ڪرڻ لاءِ زمينون آباد ڪيون پيون وڃن ۽ حڪمرانن جي اهڙي عمل تي سنڌ جو ھر باشعور ماڻھو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف مزاحمت جي ميدان ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ھن وقت بدامني جي باھه ۾ ٻري رھي آھي، مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري وڌندي پئي وڃي، جڏهن ته پ پ پنهنجي 20 سالن واري حڪومتي دور ۾ عوام لاءِ ڪجھ ناهي ڪري سگھي، هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم بعد جيڪي به صوبائي قانون ۽ اسيمبليون آھن، انھن جو احترام نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ بلوچستان، سرائيڪي وسيب جا به حق آھن، انھن کي ملڻ گھرجن، ھن چيو ته ھُو سمجھي رھيا آھن ته سرائيڪي وسيب ۽ سنڌ پاڪستان جو حصو نه پر ڪالونيون آھن، جيئن انگريزن قبضو ڪيو، ائين ئي هي به قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، سرڪار اسان کان سڀ ڪجھه کسي رھي آھي، هن اهو به چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف غريب ھاري ۽ باشعور طبقو آواز اٿاري رھيو آھي، زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن، احتجاج به ٿي رھيا آھن، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منافعو ڪمائڻ لاءِ ٺاھيو پيو وڃي، جيڪا به ھارين ۽ مزدورن جي محنت ھوندي اھا ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ٻاھر اماڻيو ويندي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ زمينون اسان لاءِ ناھن اتان پيدا ٿيندڙ اناج اسان جي کائڻ لاءِ نه پر صرف ناڻو ڪمائڻ آھي، جڏهن ته پنجاب جا ھاري پڻ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن، هن چيو ته جڏھن سندس والد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان آيو ته ان وقت به حالتون ساڳي هيون ۽ پيپلزپارٽي عوام جي حقن تي راتائو هڻي رهي هئي ۽ منهنجي والد پڻ ملڪ ۾ اچي چونڊن ۾ حصو وٺي اهو اعلان ڪيو ته شھيد ڀُٽي جي پيغام کي اڳتي وڌائي عوام کي انصاف ڏيارڻ ۽ ماحولياتي تباهين کان بچائڻ جو عزم ڪيو پر حڪمران ان جي بلڪل ابتڙ ھليا آھن، هن چيو ته سندس ڀيڻ فاطمه ڀٽو ۽ والده هن جي مدد ڪري رهيا آھن ۽ هو پنهنجي ڀيڻ فاطمه کانسواءِ ڪجھه ناهي، جڏهن ته ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جي حوالي سان اڃا ڪوبه اعلان ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ جو ان جي تياري ڪرڻي پوندي آھي ۽ ان لاءِ خاندان جي گڏيل مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو، جڏهن ته ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊاڪٽر لکمير پالاري، لالا ساگر شيخ، بابو احسان ڀٽو، غلام مصطفيٰ پالاري، چاندي خان بروهي، زاهد شريف پالاري، پيربخش سمون ۽ ٻيا ڪيترائي پ پ (ش ڀ) جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هيا.