ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم چيو آهي ته سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪندڙ متحرڪ سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سوشل ورڪرز خلاف حڪومت جي چوڻ تي پوليس انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ هن  چيو ته داخل ڪيل ڪوڙا ۽ جعلي ڪيس ختم ڪيا وڃن. ھن چيو ته پ پ ڪئنال  منصوبو ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ وٺڻ چاهي ٿي، پر سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ طرح واقف آهن ته پ پ ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي احتجاج ڪندڙن جي مخالفت ۾ هئي، ھن چيو ته سنڌو بچايو ڪاميٽي پاران 18 مئي تي ڪراچي ۾ جلسي لاءِ ڊي سي اوڀر کي درخواست ڏني آھي.