ڪراچي/ سکر/ حيدرآباد (نمائندن وٽان )سنڌو درياءَ تي تڪراري 6 ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهيو، سياسي، سماجي ، قوم پرست تنظيمن، توڙي ڳوٺاڻن، آبادگارن، سول سوسائٽي، وڪيلن، شاگردن، شهرين، واپارين احتجاج جاري رکندي ڪئنال منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيوآهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾ ھاء ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران دستخطي مهم بعد ڪينالن وارو ڪيس عالمي عدالت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڪيو ويو آھي حيدرآباد ھاء ڪورٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اياز تنيو ۽ جنرل سيڪريٽري عرفان علي ٻگھيو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعود رسول بابر ميمڻ پاران مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، حيدرآباد سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ، ليبر ڪورٽ، بئنڪنگ ڪورٽس، اينٽي ڪرپشن ڪورٽن ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌي عوام کان پنهنجي جياپي جو حق کسڻ آهي، وڪلا لائيرز ڪنوينشن ۾ احتجاج جو دائرو ايوانن تائين وڌائڻ جو اصولي فيصلو ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا ڪئنالن کي رد ڪرڻ تائين بند رکيا وينداان کان اڳ حيدرآباد جي مختلف لاڪاليجن جي وڪيل شاگردن محمد سهيل ڏاهري ۽ حفيظ سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ، جيڪب آباد ۾ علي محمد عوامي پارٽي پاران اٺين ڏينهن به دلمراد لاشاري، بابل لھڙي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ جسقم شهيد بشير خان گروپ پاران سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ تي قاتلاڻي حملي خلاف الطاف سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، قمبر ۾ پي ٽي آء جي سڏ تي تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سياسي سماجي مذهبي واپاري، هاري آبادگار تنظيمن سميت سوين ماڻهن ڪرڪيٽ گرائونڊ کان مشعل بردار ريلي ڪڍي ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا هڻندا شهداء چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سانگهڙ ۾ نيشنل پارٽي سنڌ ۽ سانگهڙ سجاڳي فورم پاران اڄ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،گهوٽڪي ۾ شھري اتحاد پاران الھوسايو گھوٽو، لالا قيصر زمان پٺاڻ، محبوب گھوٽو، آغا عقيل پٺاڻ، نواب چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، نوشھروفيروز ۾ سنڌ عوامي سٿ جي ڪارڪنن مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، حق پلھه، زينب پيرزادو، لالا آصف وسطڙو، مھتاب سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،سجاول ۾ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪراچي بار جي صدر تي حملي خلاف جسقم سجاول پاران نيشنل پريس ڪلب اڳيان منظور ميمڻ، ممتاز ساند، اياز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ڦلھڏيون شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڦلھڏيون شهر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڦلھڏيون جي شھيد چوڪ کان سڪندرآباد تائين ريلي ڪڍي وئي جتان کان موٽرسائيڪلن، ڪارن، شھزور ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي هزارين ماڻهن جي ريلي تڳوسر ۽ ھنڱورنو کان ٿيندي سنڌڙي پريس ڪلب پهتي، تڳوسر اسٽاپ ۽ ھنڱورنو شهر ۾ عوام پاران ريلي جو شاندار استقبال ڪيو ويو،ميروخان ۾ ڳوٺ واحد بخش خاصخيلي، ڳوٺ محمد جمن جانوري، ڳوٺ پنڱريو بروهي، امداد جي وانڍ سميت مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران غلام نبي خاصخيلي، صلاح مغيري، رهاڻ لنجواڻي، نور محمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميروخان وايا شاھ جو لئو شھدادڪوٽ روڊ تي قائم اوڀايو خاصخيلي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ميھڙ ۾ وڪيلن پاران ٻيٽو چوڪ کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ريلي ۾ ميھڙ بار ايسوسيئشن ،شھري اتحاد ، قومي عوامي تحريڪ ، عوامي جمھوري پارٽي ، پي ٽي آء ، ايس يو پي ، سني ايڪشن ڪاميٽي ، پ پ پ شھيد ڀٽو ،ڪلاٿ مارڪيٽ ، سبزي فروٽ يونين ، جي ڊي اي ، سميت سياسي سماجي مذھبي واپاري تنظيمن جي اڳواڻن ، قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن وڪيلن سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي، ڳيريلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي استادن، دريا بچايو تحريڪ، نوجوان فورم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران ٽائون هال آڏو دودو ديشي، منور نوناري، نور ساريو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويواوٻاوڙو ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان گلشير سميجو، اڪبر گمب، لطف شر، محبت سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دولتپورصفن ۾ صحافين جي سڏ تي ھزارين ماڻھن موسيٰ انڙ، عامر قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،پريالوءِ ۾ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف جساف پاران ڳوٺ علي حيدر جلباڻي کان پريالوءِ تائين ديدار جلباڻي، ثاقب عزيز جلباڻي، رياض احمد ۽ اسامه حيدر جي اڳواڻي ۾ 4 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ ڇٽا برادري پاران شھمير ڇٽو، پرويز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کنڊو روڊ کان ريلي ڪڍي وئي،خيرپورناٿن شاھ ۾ آبادگار جدوجهد ڪميٽي طرفان شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين حافظ حاجن خان لغاري ،آبادگار اڳواڻ رئيس امجد علي گاڏهي ، قاري اسدﷲ لغاري ، ذيشان گاڏهي ۽ رياض گاڏهي جي اڳواڻي م گوزو شهر کان خيرپور ناٿن شاهه تائين 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو .