
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن خلاف جدوجهد جاري آهي، ڪالهه ايس يو پي پاران صحيح مهم شروع ڪئي وئي آهي، زين شاهه جو چوڻ آهي ته مهم دوران هڪ ڪروڙ صحيحون مڪمل ڪري ڪيس عالمي عدالت ۾ وڙهنداسين. ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾تڪراري ڪئنالن خلاف يوسي جھڙٻي جي عوام پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي وڪيل مير جنيد ٽالپر ،اقبال راجپوت، غلام حسين مري، عثمان ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽي ۾ مختلف ڌرين پاران سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب آل تاجر اتحاد ٺٽو پاران مقامي هوٽل کان ضلعي صدر اشرف چنڊ، عزيز جوڳي، موسيٰ سبزپوش، شيراز واريو، حامد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراهه جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو، ٻئي پاسي ٺٽي جي روينيو کاتي جي ملازمن به سراپا احتجاج بڻجي ڊي سي آفيس آڏو مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. هوڏانهن سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران گھوڙاٻاري ويجھو ڳوٺ امن سومرو ۾ نوجوان علي رضا سومرو جي ميزبانيءَ ۾ سنڌودرياءَ کي تحفظ ڏيو جي عنوان سان ڳوٺاڻي ڪچھري منعقد ڪئي وئي ،ڪچھريءَ ۾ ڳالھائيندي فورم جي چيئرمين صادق لاکو ،وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو ۽ محرم علي پنھور ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بڻجر بڻجي ويندي، ڪنهن به صورت ڪئنال قبول ناهن.ٺٽي ۾ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف آل تاجر اتحاد ٺٽو پاران مقامي هوٽل کان ضلعي صدر اشرف چنڊ، عزيز جوڳي، موسيٰ سبزپوش، شيراز واريو، حامد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراهه جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو. جيڪب آباد ۾ علي محمد عوامي پارٽي طرفان چيئرمين دلمراد لاشاري، بلاول دشتي، ڪاشف شيخ، بابل لھڙي معشوق لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي. ٻئي پاسي ايس يو پي پاران سنڌو درياء تي ڪئنال اڏڻ خلاف دستخط مهم شروع ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ سيد زين شاهه دادو، ڀان سيدآباد، سيوهڻ، ۽ ٻين شهرن جا دورا ڪري آگاهي ڏني. دادو ويجھو خدآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته پ پ ڊرامي بازي ڪري پئي ته جئين هو ٽريمپريچر گھٽ ڪري سگهن، صدر زرداري ڪئنالن جي تعمير لاءِ 18 جولاءِ 2024ع تي جيڪو آرڊر جاري ڪيو هو، اهو رد ڪري يا استعيفا ڏئي، باقي آصف زرداري، سندس پٽ جيڪي تقريرون ڪن ٿا يا هنن جو وڪيل ڪورٽ ۾ ويو آهي، اهي سڀ تاخيري حربا آهن، قرارداد پيش ڪرڻي آهي ته صدر پاڪستان خلاف پيش ڪن، جنهن غير آئيني، غير قانوني آڊر جاري ڪيو آهي، سنڌ جي عوام کي گهيراء ڪرڻو آهي ته پنهنجي حڪمرانن جو ڪري، صدر هائوس جو گهيراء ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ته ڪئنالن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيا وڃن ته اقتدار ۾ ويٺل ، ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن تائين اهو آواز پهچي ته سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي، سيد زين شاھه وڌيڪ چيو ته سڀاڻي ڄامشورو ۾ سڀني پارٽين، تنظيمن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو آهي، جنهن ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو، اسان جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي سمورين پارٽين، تنظيمن، شاگردن، وڪيلن، آبادگارن، هارين سان گڏ ڀرپور تحريڪ هلائي چولستان سميت جيڪي 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، انهن کي روڪرايون. هوڏانهن ڀان سيدآباد شهر جي دعا چونڪ تي ايس يو پي پاران دستخط مهم جي سلسلي ۾ ڪئمپ لڳائي وئي. جتي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه، ميرآزاد پنهور، روشن ٻرڙو، منور خاصخيلي، درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو،غلام قادر عرف اميربخش خشڪ، نويد خشڪ، شبير ٻرڙو،اصغر شاهاڻي، ۽ ٻين اڳواڻن رجسٽر تي دستخط ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو ته ڪئنال ڪمپني سرڪار پئي ٺاهي ۽ ان جو افتتاح پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڪيو، ڪمپني سرڪار جي آخر ڪهڙي مجبوري آهي جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ ڪروڙ دستخط ڪري ڪئنالن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس وڙهنداسين ۽ پوري دنيا کي ٻڌائينداسين ته سنڌسان ظلم ٿي رهيو آهي، سنڌو درياء تي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ پنجاب جا رستا بند ڪنداسين.ان موقعي تي روشن ٻرڙو، شبير ٻرڙو، درياء خان لغاري سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. ٻئي پاسي سيوھڻ ۾ درگاهه قلندر شھباز جي سامهون گولڊن گيٽ چوڪ تي “سنڌو درياهه بچايو دستختي ڪئمپ” قائم ڪئي وئي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته صدر آصف زرداري ۽ سندس ساٿارين ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن عيوض پاڻي معدني وسيلا ۽ سامونڊي پٽي وڪرو ڪري لکي ڏئي ڇڏيا آهن ۽ گرين پاڪستان منصوبن جي نالي تي پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن زمينون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن پر اھو نٿو ٻڌايو وڃي ته انھن زمينن کي آباد ڪٿان ڪيو ويندو. ھن چيو ته پيپلزپارٽي جو ڪئنالن خلاف ڪيل احتجاج چور مچائي شور وارو معاملو آهي، پيپلزپارٽي گريٽر ٿل ڪئنال چولستان ڪئنال سميت ھر سنڌ دشمن فيصلن ۾ سڌي طرح ملوث آهي, ان ڪري صدر زرداري يا ته ڪئنالن جي حمايت ۾ ورتل قدم واپس وٺي يا ملڪ جي صدارت ته استعيفا ڏئي ته بھتر ٿيندو. ڪڍڻ جي تاريخي ماڳ شيخاڻي گھاڙي کان پريس ڪلب تائين سنڌو مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف 27 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نواز بلوچ، نياز علي لنڊ، اسماعيل ملاح، فقير مھر علي جمالي سميت وڏي انگ ۾ ھارين، شاگردن، مذھبي ۽ سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي. راڄوخاناڻي شھر ۾ جسقم آريسر گروپ ۽ ناري تحريڪ جي سوين عورتن ۽ ٻارڙن گرلس ھاءِ اسڪول چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نٽهڻ اس ۾ پيادل مارچ ڪري سلطاني واهه جي موري تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي، محفوظ نوتڪاڻي، خالد سنڌي، امين نظاماڻي، اسماعيل شيدي، ناري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪرن نظاماڻي، منزاسڪندر، ڪشف نظاماڻي،ط اھر ابوبڪر. منظرنين ۽ ٻين خطاب ڪيو. مورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران نواز زنئور، محمد علي خشڪ ۽ زينب پيرزادو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قومي شاھراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، راڻيپور ۾ جسقم پاران ڳوٺ شفيع محمد ڀيلار ۾ ڊاڪٽر نذير کوکر، مجيب ڀيلار، حاڪم ڀيلار، ساجد مڱريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف وڪيلن ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي ، سعيد پنھور، نجيب مھيسر ، محمد علي ڪانڌڙو، شير علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 13 ڏينھن به ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊوباگي ۾ سنڌو درياءَ مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمينگ خلاف استادن جي تنظيم پ ٽ الف پاران رمضان جوڻيجو، علي اڪبر چانڊيو، الطاف رستماڻي، عطا حسين روستماڻي، مھراڻ درس، ذوالفقار علي رند، جماعت اسلامي جي عبدالڪريم بليدي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مختيار بڪاري جي اڳواڻي ۾ سوين پرائمري استادن بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي باگو واهه پل واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو .دولتپور صفن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي مختيار گائنچو، سميع ابڙو، انور گائينچو، شاھنواز گائينچو، نويد گائينچو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران اڪبر سوڍر، بابر مغيري، غازي نجيب چانڊيو، مٺل جلباڻي، شوڪت ڀاڻوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.