ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد تي پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري، وڪيل اڳواڻن سميت سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست اڳواڻ شريڪ، قافلن جي آمد جاري،حيدرآباد جي علائقي گدو چوڪ جي رهواسي ۽ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن الطاف چانڊيو،عديل لاشاري،ميرمنصور چانڊيو،زيب سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ڪارڪنن يونس اوٺو، لالا لياقت جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي بِهار ڪالونيءَ جي بازار واري مرڪزي چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،ڄامشوري ۾ مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. جتي شهري، شاگرد، وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ايس ٽي پي جي اڳواڻ يونس اوٺو، ساگر عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن ايم نائين موٽر وي کي هڪ ڪلاڪ تائين مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ٻئي پاسي ڄامشوري جي نوجوانن پاران سنڌ يونيورسٽي جي مک گيٽ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي اڪرم مصراڻي، غني امان چانڊيو ۽ رجب سومرو ڪئي.، دادو ۾زاهد قاضي ، علي عمراڻي ۽ عادل سيال جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هٿن ۾ بينر ۽ جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ، نوري آباد ۾ موٽروي ايم نائين تي ايس يو پي ڪوھستان ۽ جسقم سول سوسائٽي پاران آزاد شير علي پالاري ڪامريڊ يار محمد پالاري اصغر شڪيل پالاري اياز علي آسامہ علي طارق علي جي اڳواڻي ۾ روڊ جي ٻنھي پاسن ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سوين ماڻهو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ۽ پنجاب کان ايندڙ سوين گاڏيون ڦاسي پيون. 2 ڪلاڪن کان مٿي ايم نائين روڊ تي ڌرڻو جاري رهيو. ٽنڊي الهيار جي وڪيل برادري ۽ قوم پرست ڌرين پاران ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي صدر اختر لغاري ،ايس ٽي پي اڳواڻ محبوب سمون مير مرتضا اوٺو ، جي ايم پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن تي پوليس چڙهائي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، سن ۾ ايس يو پي جسقم سيول سوسائٽي طرفان ڪئنال ٺاهڻ ۽ وڪيلن تي تشدد خلاف انور منڱڻھار عنايت الله شاھاڻي امان الله شاھاڻي سيد تراب علي شاھ راجا ڳاھوٽي ۽ ٻين ۾ سن انڊس هاءِ وي روڊ بند ڪري سخت احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي. مٽياري ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻن کي ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس پاران ڪيل حملن خلاف قومي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد سجيل سالاريو، علي حيدر ترڪ، لقمان کوسو، شهزاد سمون جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. ھالا ۾ تعلقي اسپتال جي اقصيٰ پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي شاگردن پاران پرنسپال فواد اللّه انصاري، ،سائينداد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪري وفاقي سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ٿاڻوبو لاخان ۾ جماعت اسلامي ٿاڻوبولاخان پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ فلسطين تي اسرائيلي ظلمن ۽ ڀارت پاران سنڌ طاس معاھدو ختم ڪرڻ خلاف امتياز بليدي، مولوي رحيم بروهي، عبدالحفيظ خاصخيلي ۽ حاجي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان شھيد بينظير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ڪمون شهيد ۾ سنڌ پنجاب دنگ تي ذوالفقار جلباڻي، عبدلفتاح سميجو، قادر بخش ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو،خيرپورناٿن شاهه ۾ وڪيلن شعبان ملاح، صادق چانڊيو، گدا حسين سيال، مشتاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ ساقي مشتاق چانڊيو، ضمير چانڊيو، امير چانڊيو، جنيد لغاري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ باغي چانڊيو سامھون انڊس هائي وي تي الڳ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور بانو ملاح، ايس يو پي اڳواڻ غلام محمد گاڏهي، نثار لاکير، پ پ ش ڀ اڳواڻ غفار ڪاڇيلو، واپاري اتحاد جي صدر اعجاز سومرو، قومي عوامي تحريڪ سومر چانڊيو، سنڌي شاگرد تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ عاطف ملاح، ايس ٽي پي اڳواڻ سڪندر کوکر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڌرڻن سبب ڪراچي حيدرآباد لاڙڪاڻو بلوچستان سميت ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين ٽرڪن جون قطارون بيهي ويون، ٺاروشاھ ۾ تڪراري ڪينالن خلاف پ پ جا حامي ٻارڙا ۽ قوم پرست ٻارڙا آ مھون سامھون ٿي ويا، جن ڪينالن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، نيٺ پ پ جي حامي ٻارڙن ڀڄي جان ڇڏائي،ميرپورماٿيلو ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ڇهين ڏينهن به ڌرڻو هنيو،جمال شاھ ۾ جساف پاران طاھر زرداري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، دريا خان مري ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران امام بخش عمراڻي، عرفان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، قاضي احمد ۾ ڌرڻن تي پوليس چڙھائي ۽ تشدد خلاف پنجاپ ڏانھن ويندڙ مکُ شاھراهه تي وڪيلن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڊگھڙي ۾ ڌرڻن تي چڙهائي خلاف جسقم، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن وڪيل ذاڪر حسين لغاري، خوشحال ميگهواڙ، عابد لغاري عبدالقادر ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ ٽيڪسي ڊرائيورز ايسوسيئشن عمرڪوٽ پاران گجوراڻي چوڪ کان پريس ڪلب تائين بابو ميگهواڙ، شريف آريسر، علي محمد جنهجي، حاجي خان ٻٻر، ننگر اوڏ ۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ٺٽو ۾ سيد جلال شاهه، ياسر جاکرو، فھد ڪرناڻي، ايڊووڪيٽ شبير ڪنڀار، ھتيش ڪمار، سماج سڌارڪ طارق امر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو،بودرفارم ۾ اي ڊي لاشاري، امولک ڪولھي، ذوالفقار علي دلواڻي، پرويز لاشاري، وجاھت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ھالاڻي ۾ صحافي اتحاد ۽ جسقم پاران جاني شاهه، اسلم نانگور، يونس راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي،ڪنڊيارو ۾ جسقم ۽ وڪيلن پاران حفيظ مڱريو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو،احمدپور ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هن چيو ته ڪينالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين وڪيلن جو ٻٻرلوءِ وارو ڌرڻو جاري رهندو، ھن چيو ته ڪور ڪاميٽي جو اهم اجلاس بعد آئندهه جو لاحه عمل جوڙيو ويندو، اڪري چودڳي ۾ ڌرڻن تي پوليس جي ڪريڪ ڊائون ۽ شيلنگ خلاف جسقم ڪارڪنن، نوجوان اتحاد ۽ شاگردن منظورسنڌي، مرتضيٰ لاشاري، ڪريم بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي احتجاج ڪيو، راڻيپور ۾ وائيس آف راڻيپور پاران کير بازار کان علي امداد لاڙڪ، نماڻو سرڪي، استاد شوڪت گهانگهرو، علي سرڪي، راحيل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺري ميرواهه ۾ قومپرست ڪارڪنن امجد شر، آصف شر، ياسر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري نوابشاهه ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مورو ۾ قومي شاهراهه تي قومپرستن ۽ شاگردن جي ھنيل ڌرڻي واري ھنڌ پوليس پھچي وئي، جتي هن ڌرڻو ھڻندڙن کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،ھنڱورجا ۾ آبادگارن رانجھن چانگ، عطا محمد چانگ، شعبان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،شھدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڪامريڊ حبدار ميرجت، ڪامريڊ محمد حيات تنيو، نصير سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ميروخان ۾ جسقم طرفان ڪامريڊ محمد حسن جتوئي، آصف علي عمراڻي، بشير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميروخان – لاڙڪاڻو روڊ خان جو لاڙو اسٽاپ وٽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. قمبر ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻن تي پوليس چڙهائي خلاف رياض لاکو،آصف جويو،وقار شابراڻي،اياز ميرجت،واجد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران صوبائي اڳواڻ حليم عادل شيخ، مولا بخش سومرو، صدام حسين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٻيڙي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. خانپور تعلقي جي مختلف ڳوٺن غازي خان پھوڙ، رحمت الله پھوڙ، غلام حسين پھوڙ سميت ٻين ڳوٺن جي پھوڙ برادري جي غلام حسين پھوڙ، امان الله پھوڙ، ولي پھوڙ، شھداد خان پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻن تي پوليس چڙھائين خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي عنايت لاشاري، مجيب چانڊيو، عطا محمد گائنچو نياز حيدري، اياز کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي طرفان ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، رشيد مگسي، امداد سومرو، زاھد مگسي، محمد علي منڱريو، استاد ذوالفقار مگسي، وارث کوسو، فاروق چاوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. رتيديري۾ سول سوسائٽي پاران ڪئنالن خلاف ۽ وڪيل برادري جي حمايت ۾ 9 ڏينهن به انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي جي اڳواڻي حبيب سنڌي، عبدالرزاق جلباڻي، اڪبر طاهري، همٿ جلباڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. قمبر ۾ نوجوانن جناح باغ کان مشعل بردار ريلي ڪڍي شهداءِ چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته ڪئنال رٿا ختم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.