جيڪب آباد(رپورٽر) احتجاج ڇو ڪيو؟ ڊي اي او جي استادن کان وضاحت طلب، جيڪب آباد جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش سومرو جي استادن ۽ شاگردن سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، جنهن معاملي جو ڊي اي او پرائمري نوٽيس ورتو آهي، ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو احتجاج ڪرڻ تي اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ اسٽاف کان وضاحت گهري آهي، ڊي اي او پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ لکيو ويو آهي ته اوھان حڪومت خلاف احتجاج ڪيو آهي ان بابت وضاحت ڏيو، هيڊ ماستر ۽ اسٽاف کي 13 مارچ تائين وضاحت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، وضاحت نه ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو، جنهن سبب موقف نه ملي سگهيو آهي.