ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي  سنڌ جي سربراهه پير صدرالدين شاهه سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف اڄ 5 اپريل تي سڪرنڊ کان حيدرآباد ۽ سڀاڻي 6 اپريل تي ڪراچي ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان  صدر الدين شاهه  جو چوڻ هو ته اسان سنڌوءَ تي ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين ۽  نه ئي پيپلزپارٽي جي حڪومت رهندي. هن چيو ته اسان ڪنهن به صوبي جي ترقيءَ جي مخالفت نٿا ڪريون، پر جيڪڏهن هڪ صوبي کي خوشحال ڪرڻ لاءِ سنڌ کي بنجر ڪيو ويندو اسان کي اها ترقي قبول ناهي.  هن چيو ته ڪراچي کي پاڻي ڪنهن چشمي مان نه پر ڪينجهر ڍنڍ مان ملي ٿو، جيڪا سنڌو جي پاڻي مان ڀري وڃي ٿي. جيڪڏهن درياءِ سڪي ويو ته ڪراچي وارا پاڻي ڦڙي لاءِ به ترسندا، انهي ڪري ڪراچي جو عوام سنڌوءَ کي بچائڻ لاءِ جاري احتجاج ۾ شامل ٿئي،  هن چيو ته پيپلزپارٽي جون منافقاڻيون پاليسيون ڪنهن کان لڪل ناهن، هنن پاڻ ڪئنالن جي منظوري ڏني، هاڻ وري احتجاج پيا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو جي تحفظ لاءِ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ وسيع ڪنداسين.  هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ( ڀارت ) ۾ ريگستان)آباد ڪرڻ جو منصوبو ناڪام ٿيوآهي، پاڪستان ۾ اهو ڪيئن ڪامياب ٿيندو؟  اسان وفاق کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا پر انهي لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن صوبي سان زيادتي نه ٿئي.