سکر (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته ڪينال منصوبو انتهائي سنجيدهه مسئلو آهي، ان جو اثر سنڌ جي هر شهري تي پوندو، پ پ ھن معاملي تي منافقت واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ڏينداسين، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 8 جولاءِ 2024 تي صدر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ ڇهن نون ڪينالن جي منظوري ڏني وئي، اڄ به صدر جي ويب سائيٽ تي ان اجلاس جو رڪارڊ موجود آهي، جنهن جي مون پرنٽ ڪاپي ڪڍي آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي سچ پئي ڳالهائي ته پوءِ ان اجلاس جي منٽس تي جوابي پريس رليز ڇو نٿي جاري ڪري، علي خورشيدي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته لکين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جيڪا فوري طور رد ڪرڻ گهرجي، ڪاغذن ۾ منظوري ڏني وئي آهي پر عوام ۾ نوان ڪئنال نه کپن جي نعريبازي، احتجاج ڪري پ پ ٻٽو معيار ۽ منافقت واري سياست ڪئي پئي وڃي، علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سکر سميت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي آهي، اسان سکر کي ٻيهر فعال بڻائي رهيا آهيون، جنهن کي جيتري پيٽ ۾ مروڙ پئي ٿي ڀلي پئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان مضبوط ۽ سرگرم طور ميدان ۾ آهي، جيڪا عوامي مسئلن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اڄ به صحت، تعليم ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهن.