عمرڪوٽ (رپورٽر)سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آھي ته ڪئنال جي منظوري صدر نه ڏيندو آھي، اھو اختيار سي سي آءِ جو آھي، عمرڪوٽ جي مقامي گيسٽ ھائوس ۾ ھڪ سماجي اداري پاران منعقد ڪيل عمرڪوٽ ثقافتي ميلي ۾ مک مھمان طور شرڪت دوران خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته ماڻھو نڪو ٿا پڙھن ۽ نه وري سمجھن ٿا، اجايون ويٺا ڳالھيون ڪن، سي سي آءِ ۾ صوبن جا وڏا وزير،لاڳاپيل صوبائي ۽ وفاقي وزير ۽ وزيراعظم به موجود ھوندو آھي ۽ اتي گڏيل راءِ سان فيصلا ٿيندا آھن، ھن چيو ته پھرين چيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جيڪو به ڪوڙ ۽ غلط آھي، دراصل ارسا ايڪٽ قومي اسيمبلي جو پاس ٿيل آھي، ان ۾ ترميم صرف اسيمبلي ئي ڪري سگھي ٿي، سنڌ جي پاڻي اشو ۽ ڪئنالن واري مسئلي تي پ پ حڪومت سنڌ سان گڏ اڄ به بيٺل آھي، جڏھن پير پاڳارو ۽ ان جي جماعت جي ڊي اي توڙي قوم پرست به ڪئنالن بابت خاموش ھئا، ان کان اڳ ئي سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي وزير ڪئنالن خلاف سمري سي سي آءِ ڏانھن اماڻي ڇڏي ھئي، ھن چيو ته ڪئنالن واري اشو تي اسان وٽ ٽي رستا آھن، مخالفت ۽ مزاحمت سا ٿئي پئي، سنڌ حڪومت ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ ۾ به ڪئنالن جي ڀرپور مخالفت ڪندي ۽ جيڪڏھن ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ ۾ اسانجو موقف نه مڃيو ويو ته اسان ڪورٽن ۾ وينداسين ۽ سپريم ڪورٽ به وينداسين، پر ھر صورت سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي تعليمي نصاب بابت پڇيل سوال تي ھن چيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي ڀلي ھجي پر ٽيڪسٽ بوڪس جي اھميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي، ان سان ٻار جي تخليقي سگھه ۾ اضافو ٿئي ٿو، اسانجي معاشري ۾ نصاب کي جديد ۽ آسان بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا ۽ سنڌ جي تعليم ۾ ان طرف خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ھن چيو ته مسلسل پنڌ ۽ جستجو لاءِ تحرڪ جو ھجڻ ضروري آھي، ان لاءِ ثقافتي ميلا، ميڙاڪا، مذاڪرا ھُجڻ گھرجن، ان سان ئي انتھاپسندي کي روڪي ۽ ختم ڪري سگھجي ٿو، سيد سردار شاهه وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس وقت عمرڪوٽ ۾ پرامن شھرين ۽ ساڃاهه وند ڌرين جو ڪردار لاڀائتو رھيو، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جڏھن پوليس تحويل ۾ ھيو ته مارڻ وڏو ظلم ۽ لاقانونيت ھئي، ان جي ذميوارن کي سزا ملڻ گھرجي، تقريب ۾ اديبن دانشورن ڀارو مل امراڻي، ڊاڪٽر عزيز رحماني، نورمحمد بجير، ميرحسن آريسر، جلال ڪوري، ڊي سي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ توڙي ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڪتاب اکين ڏٺو عمرڪوٽ جي رونمائي پڻ ڪئي وئي.