لاهور(م ڊ) سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي ليڊر۽ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ڪئنالن جي مخالفت ۾ بيان پيپلز پارٽي جي ضرورت آهي، صدر جي آفيس مان خط ملڻ تي ارسا ڪم کي اڳتي وڌايو، باني پي ٽي آءِ ڪنهن سان نٿوملڻ چاهي ته حڪومت ڇا ڪري؟ جنهن سان ملڻو هوندو اٿس ان جي ملاقات ٿي ويندي آهي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 6 ڪئنالن واري معاملي تي ٽائيم لائن کي ڏسو، 8 جولاءِ 2024 کان 14 مارچ 2025 تائين پيپلز پارٽي ڇو خاموش رهي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته تاريخ گواهه آهي ته باني پي ٽي آءِ سان جيتريون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ان جون اڄ تائين ڪنهن جون ناهن ٿيون، پي ٽي آءِ جو ته ڪوبه نظريو ناهي نه ئي ڪو اصول، پ پ جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڪنهن امڪان بابت سوال تي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پ پ آئيني ادارن جي حامي پارٽي آهي، انهن جو پي ٽي آءِ جيان طرز عمل ناهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي.