لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪينالن جي منظوري صدر آصف زرداري پاڻ ڏني آهي، جيڪا لکت ۾ موجود آهي، انهي معاملي تي سنڌ ۾ سياست تڪليف ڏيندڙ آهي. سياست بند ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ رليف ڏيڻ شهباز شريف جو تاريخي قدم آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻئي وڏي خوشخبري عوام کي ڏينداسين. آءِ ايم ايف خط لکندڙن ملڪ کي سريلنڪا بنائڻ چاهيو ٿي، جيڪي ناڪام ٿي ويا، بلاول ڀٽو کي ڪينالن جي معاملي تي تقرير ڪرڻ جي بجاءِ وفاق جي سامهون مسئلي کي رکڻ گهرجي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جو عجيب ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ٽڪڙن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي جي ڪرپشن جا پول پڌرا ڪري رهيا آهن، گنڊاپور جي ته ڪرسي خطري ۾ آهي، جنهن لاءِ هو عزت بچائڻ جي لاءِ وفاق تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هاڻ اسان سندس ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. عظميٰ بخاري بلاول ڀٽو طرفان ڪينال جي معاملي تي تقرير حوالي سان چيو ته ڀارت پنهنجو حصو آباد ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جو پاڻي ڪيئن ورهائڻو آهي، انهي بابت فيصلو ڪرڻو آهي، ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پاڻي ضايع ٿيندو آهي ته انهي کي اسٽاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪئنالن واري معاملي تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪندي، پنجاب سرڪار اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ته نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ؟ ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تاريخي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏبا، سنڌ واسين کي خبر آهي ته پ پ وارا مري ويندا پر سودو نه ڪندا، هن چيو ته 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڪينالن ۽ دهشتگردي خلاف تاريخي جلسو ٿيندو، شرجيل ميمڻ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته نواز ليگ جا اڳواڻ آئين پڙهڻ بنا بيان ڏيندا آهن، عظمي ٰبخاري کي پ پ سان مسئلو آهي ته ويهي حل ڪري، غلط بيان نه ڏئي، هن چيو ته پنجاب حڪومت جي ايجنڊا پيپلز پارٽي ۽ وفاق جي وچ ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ آهي پر پيپلزپارٽي ميچور سياست ڪري رهي آهي، اها عوامي مفادن جي حفاظت ڪندي. هن ڪي پي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جو فوڪس امن تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ماضي ۾ طالبان سان دوستاڻو تعلق هجڻ جي وڪالت ڪئي، جنهن ڪري بدامني پکڙي، هن چيو ته اسانجو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندي. هن چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي ڪوبه سمجھوتو نه ٿيندو، عوامي جدوجهد جاري رهندي.هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ زراعت سميت پيئڻ جو پاڻي ناهي، زمينون بنجر ٿيڻ ڪري ھاري پريشان آهن، مال مويشي به اڃايل آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو تڪراري ڪئنال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري
ڪراچي(م ڊ) پنجاب حڪومت تڪراري ڪئنالن واري منصوبي بعد ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم سئو سيڪڙو ٺهڻ گهرجي، اهو ڪهڙو پاڪستاني هوندو جيڪو هن ڊيم جي مخالفت ڪندو، صدر آصف زرداري ڪئنالن منصوبي جي مخالفت نه ڪئي آهي. هو ان تي گو اهيڊ ڏئي چڪو آهي. پنجاب جي آبپاشي واري وزير ڪاظم علي پيرزاده نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته چيو ته صدر آصف زرداري اجلاس ۾ گرين انيشيٽو جي منصوبن جي مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته هي وڏومنصوبو آهي، ايڪنڪ منظوري نه ڏني آهي ارسا پاڻي جي منظوري ڏني آهي. سي ڊي ڊبليوپي به منصوبن جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ڪم اڃاتائين شروع نه ٿيو آهي. ان لاءِ مشينري گهرائي وئي آهي. هن تي سياست ٿي رهي آهي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ارسا جيڪو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي اهو پنجاب جي حصي جو آهي انهن ڏينهن ۾ جڏهن پاڻي وڌيڪ هوندو ان دوران سڀ صوبا پاڻي کڻي سگهن ٿا، سنڌ جو پاڻي کڻڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن پ پ جي مخالفت جي ڪري ڪئنال منصوبو روڪيو ويو ته اها بدقسمتي هوندي. ڪالاباغ ڊيم ۽ اسان جا پاڻي ذخيرن جا منصوبا انهن کي مڪمل ٿيڻ گهرجي اسان جي زراعت تي ٻڌل معيشت آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جو سڀ کان وڏو اعتراض آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پيو وڃي، ماهرن جي راءِ آهي ته روز 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ وڃڻ گهرجي. ڊيم نه هوندا ته روز 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم لاءِ ڪٿان ايندو؟ هن چيو ته هن وقت اسان جو ملڪ ۽ سمورو خطو پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي ته پوءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃي سگهندو. ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪهڙو چارو آهي؟ ڪالاباغ ڊيم بلڪل ٺهڻ گهرجي سئو سيڪڙو ٺهڻ گهرجي. اهو ڪهڙو پاڪستاني هوندو جيڪو چوندو ته نه ٺهڻ گهرجي. سنڌين ۽ سنڌحڪومت جو اعتراض آهي ته اسان جو پاڻي پنجاب روڪيندو اسان چاهيون ٿا ته جڏهن پاڻي وڌيڪ هوندو آهي يا ٻوڏ ايندي آهي ته ان پاڻي کي گڏ ڪيو وڃي. اسان ان جي مخالفت منطق سان نه پر سياست جي ڪري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊيم نه ٺهيو ته اسان پنجاب وارا ته منڍ ۾ آهيون پاڻي ملندو پوڇڙي وارن سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪٿان پاڻي ملندو؟ پاڻي جي کوٽ پنجاب به کڻندو آهي ائين ناهي ته پنجاب پنهنجو پاڻي کڻي وڃي ٿو ۽ سنڌ کي کوٽ ٿي ملي. اها غلط فهمي آهي ته پنجاب ٻين صوبن کي کوٽ ٿو ڏئي اسان به کوٽ برداشت ڪندا آهيون.