ڪراچي( رپورٽ: فقيرسليم) جي ڊِي اي جي سربراهه ۽ حُرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا جي خاتمي واري حڪومتي فيصلي کي ڪنهن به سياسي پارٽي جي نه، پر سنڌ جي سڀني باشعور نوجوانن، ٻارن، پوڙهن ۽ عورتن جي گڏيل ڪاميابي قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي باشعور ماڻهن سخت گرمي ۽ سخت موسمي حالتن جي پرواهه نه ڪندي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي حق لاءِ بي مثال احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته منهنجو پهرين ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته جڏهن اسان جي سرحدن تي جنگ جا خطرا هجن ، تڏهن پوري قوم کي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڄي قوم ۽ حُر جماعت پاڪ فوج سان گڏ آهي. قوم کي اطمينان ۽ ڀروسو آهي ته پاڪ فوج مادر وطن جي هر هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت ۽ سگهه رکي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن مودي سرڪار پاڪستان خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي ته پاڪ فوج قوم جي مڪمل مدد ۽ حمايت سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي.هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي ڪامياب ڪري. هن چيو ته مودي، ماضيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ ويٽر ( بيرو) طور ڪم ڪندو رهيو، اهڙي شخص کان ڪنهن به قسم جي ايڊوينچرازم جي اميد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪئنالن وارو مامرو حل ٿيڻ بعد سنڌ جا سڀئي هاءِ ويز ۽ رستا کوليا وڃن ته جيئن سيڪيورٽي معاملن ۾ آمد و رفت کي ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي. هن احتجاج ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته اهي هاڻي روڊ ۽ رستا خالي ڪري، پرامن طريقي سان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن. هن سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏنيون ته ڪئنالن جو معاملو عوام جي خواهشن مطابق حل ٿيو آهي، سنڌ واسين جي تاريخي جدوجهد جي نتيجي ۾ اها ڪاميابي حاصل ٿي آهي.