اسلام آباد: پي ٽي آءِ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ صوبي  جي  زراعت، پاڻي جي گهريلو استعمال سنڌو درياهه تي آھي، پنجاب ۾ چولستان ڪئنال سوڌو واهه جي اڏاوت جيڪا  گرين پاڪستان انيشيٽو تحت شروع ڪيا پيا وڃن، سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي پاران آڪٽوبر 2024 ۾ چولستان ڪئنال جي  منظوري ڏني وئي، جنهن تي  سنڌ  پاڻي جي حصي ۾ امڪاني گهٽتائي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ ماحولياتي اثرن  بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي،  قرارداد ۾ چيو ويو آھي ته   پاڪستان جي آئين جو  آرٽيڪل 153، 154 ۽ 155 تحت وفاق ۾ قدرتي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو جو اختيار  گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) کي ڏئي ٿو ان سان گڏ  پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان بين الصوبائي تڪرار حل ڪرڻ جو اختيار به سي سي آءِ کي آھي،  جڏهن ته پاڻي جي ورڇ جو معاهدو، 1991، ۽ انڊس روور سسٽم اٿارٽي  ايڪٽ، 1992، پاڻي جي ورهاست لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم  ڪري ٿو جيڪو سڀني صوبن جي حقن جي تحفظ لاءِ برقرار رکڻ لازمي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته  سنڌ جا تحفظات، باضابطه طور تي جولاءِ 2024 ۾ سي سي آءِ وٽ داخل ڪيا ويا، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آھي ته  پاڪستان جي حڪومت، آئين جي آرٽيڪل 154 تي سختي سان عمل ڪندي، 15 ڏينهن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪري ، سنڌ جا خدشا ٻڌا وڃن، چولستان ڪئنال منصوبن جي اڏاوت کي فوري طور تي معطل وڃي، جيستائين سي سي آءِ منظوري نه ڏئي، ارسا پاران چولستان ڪئنال لاءِ  پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ جي هڪ آزاداڻي ڪرائي وڃي،  جيڪا 60 ڏينهن اندر هائڊروولوجسٽ ۽ ماحولياتي ماهرن جي هڪ غير جانبدار پينل ذريعي ڪئي وڃي ۽ ان  جي نتيجن کي هن ايوان آڏو پيش ڪيو وڃي،  انڊس ريور سسٽم تي سڀني نون ڪئنال منصوبن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي جيستائين پاڻي جي ورهاست جو معاهدو 1991 مڪمل طور تي لاڳو نه ٿئي، ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي  ته سنڌ جي مختص ڪيل 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ ڊائون اسٽريم يعني ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جي فراهمي جو تحفظ ٿئي، سنڌ جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن جو موقف ٻڌو وڃي، اهو مشاورتي عمل سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي، قرارداد ۾ اهو به  چيو ويو آھي  ته هن قرارداد کي فوري ڪارروائي لاءِ وفاقي حڪومت، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪليو وڃي.