ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آھي ته  سنڌوءَ جي پاڻي جي سوديبازي، ڌاڙيل راڄ کان وٺي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڌارين  حوالي ڪندڙ پ پ سنڌ جي عوام جي ڏوهاري آھي. سنڌوءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ جي پاڻ اجازت ڏيڻ بعد هاڻ وري جلسن ۽ نعرن وارو ڊرامو پ پ قيادت جي ٻٽي معيار جي نشاندھي ڪري ٿو. ڪئنالن جي اجازت ڏيندڙ صدر  زرداري پاڻ فيصلو واپس وٺي سنڌ جي دردن جو درمان ڪري سگھي ٿو. پ پ جو 16سالن وارو دور سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جو دؤر آھي. ھتان جو عوام صاف پاڻيءَ، صحت، تعلم جھڙين بنيادي سھولتن کان محروم آھي. جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوبه ڊيم يا ڪئنال ملڪي سلامتيءَ ۽ قومي وحدت کان مٿي ناهي، جماعت اسلامي ناانصافين ۽ ظلم خلاف عومم سان گڏ آهي.