ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته اسان ڪو لالي پاپ نه کڻي آيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ڪئنال رٿا رد ڪرڻ جي گڏيل اعلان ڪرڻ کانپوءِ ڌرڻا هڻندڙن کي پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ گهرجي، اُميد ته وڪيل سمجهندا ۽ روڊ کوليندا، اوهان احتجاج ڀلي ڪريو پر روڊ بند نه ڪرڻ گهرجن، روڊ بلاڪ ڪرڻ سان روزمره جي زندگي متاثر ٿئي ٿي، ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفيڪشن گهرندڙ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، ڪئنالن خلاف مظاهرن ۾2 قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا اهي آهن، جيڪي واقعي ڪئنالن جي مخالفت ڪن ٿا، ڇو ته اهي ڪئنال صوبائي مفادن خلاف آهن، ٻيا وري رڳو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، اهي پيپلز پارٽي جي عوامي مينڊيٽ ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، اهي سوچي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت گهٽجي وئي آهي، اهي موقعي مان فائدو کڻن پر اسان کين جاءِ نه ڏينداسين، ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ . صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران هن ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي ڪاميٽي (اين ايس سي) چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو مؤثر جواب ڏيڻ جي قابل آهي. پيپلز پارٽي ۽ پاڪستاني عوام انهن فيصلن جي حمايت ۾ متحد آهن. هن چيو ته ڪئنال منصوبي تي ڪو عملي ڪم ناهي ٿيو، رڳو سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ هڪ ماڊل ٺاهيو ويو آهي. هن تصديق ڪئي ته ” ڪئنال منصوبي جي ڪنهن به لاڳاپيل فورم کان منظوري نه ملي آهي.” اسان انهي معاملي کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ) ۽ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ( ايڪنڪ ) ۾ چيلنج ڪيو آهي، انهي مسئلي کي اسيمبلي فلور تي به واضح طور تي اٿاريو آهي. هن چيو ته 17 جنوري 2024 تي پنجاب جي نگران حڪومت ارسا کي چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، سنڌ جي مخالفت باوجود ارسا کين اهڙو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، اسان جون 2024 ۾ اهڙي سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چيلنج ڪيو هو، هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن سي سي آءِ ارسا جو سرٽيفڪيٽ واپس وٺي ٿو ته چولستان ڪئنال منصوبو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. 8 جولاءِ 2024 تي صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جو ذڪر ڪندي هن چيو ته انهي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جو رڳو گهرو وزير موجود هو، جڏهن ته پاڻي وزارت ارسا يا ٻين لاڳاپيل اختيارين جو ڪو نمائندو موجود نه هو. هن چيو ته صدر وٽ ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ناهي، هن الزام لڳايو ته جيڪي ماڻهو ڪئنال تعمير جي اميد رکن ٿا، اهي پ پ کي اقتدار مان ڪڍڻ چاهين ٿا ته جيئن اهي ان کي اڳتي وڌائي سگهن. وڏي وزير چيو ته ڪئنالن خلاف پرامن مظاهرو قبول ڪري سگهجي ٿو پر عوامي خلل قبول ناهي. روڊن کي بلاڪ ڪرڻ يا روزمره جي زندگي ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. هن اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ راڻا ثناالله، احسن اقبال، احد چيما ۽ اٽارني جنرل شامل هئا، سنڌ جي وفد وفاقي اختيارين کي قائل ڪيو ته ڪئنال منصوبو ناممڪن آهي. انهي کانپوء وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هنن رسمي طور تي منصوبو رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مراد شاهه ٻڌايو ته وزيراعظم 2 مئي 2025 تي سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پاڻي جي عدم دستيابي جو مسئلو منظرعام تي آڻڻ جي خاطري ڪرائي وئي. هن زور ڏنو ته ڪوبه ڪئنال منصوبو صوبن جي اتفاق راءِ کانسواءِ شروع ٿي نٿو سگهي. هن وضاحت ڪئي ته سي سي آءِ جا 8ميمبر آهن، جن مان 5 نوازليگ ۽ 2 پ پ (سنڌ ۽ بلوچستان جا وزير اعليٰ) آهن، جن جي ڪئنال منصوبي کي روڪڻ لاءِ حمايت حاصل آهي، هن چيو ته سي سي آءِ ارسا سرٽيفيڪٽ رد ڪري ٿي ته اهو مامرو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو . هن واضح ڪيو ته صدر جيان وزيراعظم پاڻ مرادو ڪو منصوبو منظور يا رد نٿو ڪري سگهي، هن جميعت علماء اسلام (ف) ۽ وڪيلن جي خدشن جو جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم سڌو سنئون ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ مان ڪجهه به واپس نه وٺي سگهندو، جيئن ڪجهه مظاهرين تجويز ڪيو آهي. اهڙا معاملا يا واپس ورتا وڃن ٿا يا ووٽنگ جي عمل سان منظور ڪيا وڃن ٿا. پ پ ۽ نواز جا ميمبر سي سي آءِ ۾ اڪثريت رکن ٿا،انهي ڪئنال منصوبي کي ٻيهر انڊس رور سسٽم اٿارٽي کي موڪليو ويندو