ڪئنالن تي ڪم نه پيو ٿئي، مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي، نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون آهن: وڏو وزير

0
53
ڪئنالن تي ڪم نه پيو ٿئي، مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي، نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون آهن: وڏو وزير
ڪئنالن تي ڪم نه پيو ٿئي، مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي، نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون آهن: وڏو وزير

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون کي خبر ناهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي يا واپس وٺي ڇڏي آهي، آئون پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهيان، 6 ڪئنالن تي ڪم نه پيو ٿئي، مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي، مضبوطيءَ سان ڪيس وڙهبو، سنڌ حڪومت ميرٽ تي نوڪريون ڏئي رهي آهي، اميد آهي ته پنج کان 15 هين گريڊ تائين نوڪرين وارو مرحلو به شفافيت سان مڪمل ٿيندو، معذور ڪوٽا تحت جعلسازيءَ سان ڀرتي ثابت ٿي ته ذميوارن کي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻو پوندو، هتي تقريبن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مون کي خبر ناهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي يا واپس وٺي ڇڏي آهي، آئون پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهيان ۽ انھيءَ تي ئي ڌيان ڏئي رهيو آهيان، ھن چيو ته چار ئي صوبا گڏجي ڪري ملڪ جي بھتري لاءِ ڪم ڪن، ملڪ بابت پھرين سوچين، ڪنهن کي جيل ۾ وجھڻ لاءِ نه سوچيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سوچيو وڃي، سيد مراد علي شاھه چيو ته سنڌ جي پاڻي بابت ڪئنالن جو مسئلو سي سي آءِ ۾ آهي ۽ ڪئنالن تي هن وقت ڪو به ڪم نه پيو ٿئي، ان معاملي تي سي سي آءِ ۾ مضبوطيءَ سان ڪيس وڙهيو ويندو، وڏي وزير  چيو ته معذورن جي ڪوٽا تي جيڪڏهن ڪو ٻيو ڀرتي ٿيو  ته کيس واپس ڪيو ويندو، ڪنهن خلاف شڪايت آئي ته ڪارروائي ٿيندي، وڏي وزير چيو ته ڪجهه ڪورٽس جي آرڊرز تي تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ٿيون آهن، جيڪڏهن ڪو معذور ناهي ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ کڻي پهتا آهن ثابتي ٿيڻ تي اُنهن کي ڪڍي ڇڏينداسين، هو پاڻ هليا وڃن ته انهن جي لاءِ بهتر هوندو، ھن چيو ته ڪچي جي ڪيترن ئي ڏوھارين جو خاتمو ڪيو ويو آهي، ھدايتون ڏئي ڇڏيون آھن ته ڪچي ۾ ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ رستا، اسپتالون ۽ اسڪول تعمير ڪيا وڃن، سکر حيدرآباد موٽروي رولڙي جي ور چڙهيل هجڻ واري سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سان سخت اختلاف رهيو آهي ته ڪراچي کان خيبر تائين ته هر هنڌ موٽرويز ٺهيون آهن ناهي ٺهي ته حيدرآباد کان سکر موٽروي ناهي ٺهي، اِن تي سخت احتجاج ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪو وفاق جو نمائندو اچي ته اُن کان ضرور سوال ڪجو، شھيد صحافي بابت پڇيل سوال تي ھن چيو ته شهيد صحافي جان محمد مھر کي اسين نه وساريو آهي ۽ نه ئي  وسارينداسين، وڏي وزير آءِ بي اي سکر ۾ اڪيڊمڪ بلاڪ فائيو جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت پي آءِ ٽي پي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، هي فنڊ سڄي صوبي کي خدمتون فراهم ڪندڙ ٽن يونيورسٽين ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ اين اي ڊي، ڄامشورو ۾ مهراڻ يونيورسٽي ۽ سکر ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي شامل آهن، هي پروگرام سڄي سنڌ جي 13400 کان وڌيڪ شاگرد عالمي جاب مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق سکيا وٺي رهيا آهن، ٽريننگ ماڊل پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شاگردن جي پهرين بيچ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آمدني شروع ڪري ڇڏي آهي، مون شاگردن جي آمدني جو رڪارڊ رکڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اسان پنهنجي ڪاميابي جو اندازو لڳائي سگهون، وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ۾ سينٽر فار اٽزم ريھيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ يونٽ جو ربن ڪاٽي افتتاح ڪيو ۽ اسپيشل ٻارڙن سان ڪجھه گھڙيون گڏ گذاريون، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو عزم آھي ته پوري صوبي ۾ آٽزم جي شڪار ماڻھن ۽ انھن جي خاندانن کي جامع مدد ڏني وڃي، ھن چيو ته 2018ع ۾ قيام کانپوءِ سي آرٽز انيڪ خاندانن لاءِ اميد جي روشني بڻجي ويو آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته هتان ڪورٽ ۽ نيب جون آفيسون ختم ڪرايو، وڏي وزير سي آرٽز سکر کي ٻارڙن جي ٽرانسپورٽ لاءِ ھڪ بس جو تحفو پڻ ڏنو، وڏي وزير چيو ته مان جڏهن هِتي آيو هيس ته مون کي خبر پئي ته هِتي معذورن جي بحالي واري اداري ۾ ٻه ڪورٽس آهن ۽ نيب جا به ڪجهه ماڻهو هتي رهن ٿا، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرکي هدايت ڪئي آهي ته اينٽي انڪروچيمينٽ ڪورٽس کي هتان هٽايو وڃي، چيئرمين نيب ۽ ڊي جي نيب سان مان پاڻ ڳالهائيندس، هِتان خالي ڪري ٻئي هنڌ رهايو، مون ڊي سي کي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورٽ جي لاءِ ٻيو ڪٿي جاءِ ناهي ته پنهنجي آفيسن ۾ جاءِ ڏيو پر معذورن جي اداري ۾ ڪا انڪروچيمينٽ نه ٿيڻ گهرجي،