حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف ڪراچي ۾ ٿيندڙ وڪيلن جي احتجاجي مارچ” جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ھن چيو ته سنڌو درياءَ جي بقا جي جدوجھد ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي جدوجهد آهي. ان جدوجھد کي مقدس جدوجهد سمجهندي هر مڪتب فڪر جي ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته وڪيلن جيان سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي درياهه جي حفاظت لاءِ سياسي مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي واهڻ واهڻ، ۾ سنڌو درياءَ جي تحريڪ کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايس ٽي پي سنڌو درياءَ بچائڻ جي جدوجهد ۾ اڳواڻي واري ڪردار ۾ آهي.