اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪئنالن جي رٿا روڪڻ لاءِ اُتي تنقيد ڪريو، جتي ڪرڻ گهرجي، هي هڪ سنجيده ۽ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، ملڪ ۾ پڇڙيءَ جي ماڻهن جو تحفظ نه ڪيو ته ٻاهر ڪهڙي منهن سان ڳالهائينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار ڪئنالن جي معاملي تي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪري، مسئلي جو حل ڪڍي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ڪوڙ آهي ته پيپلز پارٽي پاڻي جي مسئلي تي خاموش آهي، هر اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان پاڻي جو مسئلو اُٿاريو آهي، وزيراعظم آڏو ڪئنالن بابت پنهنجا خدشا رکيا، وزيراعظم نظرثاني جي خاطري ڪرائي آهي، صدر ڪئنالن بابت هاڪاري انداز ۾ وفاق کي خبردار ڪيو آهي، ڪئنالن بابت فيصلي سان وفاق تي نشان لڳي رهيو آهي، هن معاملي کي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ گهرجي، ڇا حڪومت چاهي ٿي ته وفاق کي نقصان پهچي، اها اسان جي تجويز مڃيندي، هن چيو ته غلط فهميون پيدا ڪندڙ ٽولو هن معاملي کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو، اهو ٽولو قومي اشو تي پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي ٿو، بلاول چيو ته پاڻي مسئلو ايس آءِ ايف سي جو ناهي، اسان تجويز ڏني ته گرين پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مثبت سياست تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم يقين ڏياريو ته ڪا شڪايت نه ٿيندي، گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل صحيح فورم آهي، اجلاس گهرايو وڃي. هن چيو ته گرين پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسان کي ٻن مرحلن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، اجتماعي فارمنگ فيز 1 کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ جي انهن علائقن کي ترجيح ڏينداسين جتي زراعت موجود آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اميد آهي ته هن ڀيري پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ گڏجي بجيٽ ٺاهيندا، چئني صوبن جي پي ايس ڊي پي به گڏجي ٺاهينداسين ته پوءِ اسان ان جي حمايت ڇو نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ پاڻ اڪيلو هلڻ جو فيصلو ڪيو هو، اُن وٽ اسان نه ويا هئاسين.