سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جو ڪيس مضبوط آهي، ڪير به ٻڌندو ته منصوبي کي رد ڪري ڇڏيندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل تي واضح چئي ڇڏيو ته اسان عوام سان گڏ آهيون، جيڪڏهن ڳالهه نه ٻڌي وئي ته وزيراعظم سان گڏ نه هونداسين، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار وڏي وزير پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جي 18هين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  وڏي وزير پنهنجي والد جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي والد مرحوم جي مزار آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته آئون اڄ هتي پنهنجي والد عبدالله شاهه جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان، انهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ به دعا ڪئي ته والد جيان عوام جي بي لوث خدمت ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ورسي جي حوالي سان ڪو جلسو نه رکيو ويو آهي، رڳو قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس خبر ناهي ته اعظم سواتي کي ڳالهين جو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي پر اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي سياسي روش ڇڏي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سنجيدگي سان ڪم ڪن، وڏي وزير ڪئنالن بابت پڇيل سوال تي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنالز نه ٺهڻ ڏينداسين، اسان جو ڪيس مضبوط آهي ۽ اسان جي موقف کي ڪو به رد نٿو ڪري سگهي، بلاول ڀٽو به واضح طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته هو وفاق سان نه، پر عوام سان گڏ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سيوهڻ سميت امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، اڳوڻو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ اعجاز علي شاهه، محمد سليم باجاري، امان الله شاههاني، سردار حاڪم خان نوحاڻي، مخدوم ضمير، آصف علي شاهه، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ، ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري، ڊي سي سيد علي مرتضى شاهه، ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به ساڻس گڏ هئا.