دادو(رپورٽر ) جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين رياض چانڊيو دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالھه دادو ۽ ڄامشورو ۾ ٿيل بيداري مارچ ۽ درياءَ بچايو تحريڪ جو شاندار استقبال ڏسي سنڌ حڪومت مافيه جيان انتقامي ڪارواين تي لهي آئي آهي، سنڌ جي شريف ۽ معتبر خاندان جي فرد مرتضي جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا ، آصف زرداري جي مافيه سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سنڌ جي معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي بربادي ڪئي آهي، سنڌ جي اپوزيشن کي سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ تي انتقامي تيز ڪيو ويو آهن، جنهن سبب اسان جو اڄ رات هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا هاڻ خاموش ٿي نه ويهبو ۽ سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾ هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو آهي، ڏوهاڙين ۽ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ بدران هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي حراسان ڪري ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي ، سنڌ اندر ڪارڪن ۽ ٻين کي گم ڪرڻ ۽ تشدد جا واقعا عام آهن پر امن امان مڪمل طور تباھه آهي دادو کان ڪشمور، ٺٽو ٿر کان ڪراچي جي گهٽين ۽ چونڪ تائين اسٽيٽ ڪرائيم عروج تي آهي، سنڌ حڪومت اندر تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران سنڌ جي خوشحالي جي ڳالھ ڪرڻ ۽ زرداري مافيه خلاف آواز بلند ڪرڻ تي پوليس گردي شروع ڪري گرفتاريون ڪري رهي آهي ، جيڪي درياء سمنڊ ۾ نه پوندا آهن اهي درياء مري ويندا آهن اقوام متحده دنيا جي 9 دريائن مان سنڌو درياءَ کي زنده درياءَ جو لقب ڏنو آهي، آصف زرداري جي مافيه ۽ سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ جي 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تان ڌيان هٽائڻ لاءَ بلوچستان مان سنڌ جي زمين تي ٻي ڪاھ ڪئي آهي سرفراز بگٽي ۽ مراد شاھ جيڪي ٻئي آصف زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جا مخبر آهن. ڪتي جي قبر سنڌ جو حصو آهي پاڪستان توڙي ڀارت کان ان پڻ ڪتي جي قبر جو سنڌ جي نقشي موجود آهي. سرفراز بگٽي ۽ مراد شاھه بلوچ ۽ سنڌين جو نقصان ڪرائڻ چاهين ٿا ، آء بلوچ ڀائرن کي اپيل ڪندس ته هو بلوچستان بي جاگرافي جو تحفظ ڪن. مرتضي جتوئي کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ بيداري مارچ جي ڪارڪن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون بند نه ڪيو ويو ته لکين ماڻهون رستن تي ايندا.