اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ختم ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ سينيٽرن پيپلزپارٽي جي ڪينالن بابت سياست کي منافقاڻي سياست قرار ڏنو آھي پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙي جو چوڻ هو ته اسان سينيٽ ۾ ڪينالن جي مسئلي تي ڳالهائڻ پئي چاهيو اسان اي اين پي ۽ جي يو آءِ سان گڏجي ڪينالن خلاف سينيٽ ۾ گڏيل قرارداد جمع ڪرائي آھي پر اسان کي ان تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو پيپلزپارٽي پاران سنڌ ۾ چيو وڃي ٿو ڪينال نه ٺهڻ ڏيندا سين پر سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي ن ليگ سان گڏ ٻاهر هلي وڃي ٿي . هن چيو ته هي پوري صوبي جو مسئلو آھي سنڌ جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان سنڌ جو ڪيس وڙهندا سين. اپوزيشن ليڊر شبلي فراز جو چوڻ هو ته اسان اڄ ڪي پي جي خالي سينيٽ سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ قرارداد منظور ڪرائڻ پئي چاهي سيف الله ابڙي ڪينالن واري مسئلي کي اٿاريو ته ڪورم جي نشاندهي ڪرائي وئي پيپلزپارٽي جي ٻٽي پاليسي واضح ٿي وئي آھي هنن وٽ آئيني، قانوني ۽ سياسي جواب نه هو.