اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ تي معاملي تي پ پ ۽ ٻين ڌرين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڳالهين جي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ۾ احسن اقبال ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا به شامل هوندا، جڏهن ته ان ۾ پاڻي ۽ زرعي ماهرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جي اها ڪميٽي پ پ قيادت ۽ ٻين سان رابطو ڪري ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ذريعن موجب وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪميٽي کي حتمي شڪل ڏني ويندي، شهباز شريف ان معاملي تي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقاتون به ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله   هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آھي. جاري ٿيل بيان مطابق رابطي دوران  پاڻي جي مسئلي تي صلاح مشوري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪينال جي مسئلي کي حل ڪرڻ بابت معاملن کي اڳتي وڌايو ويو. رانا ثنا الله چيو ته اسان سڀني مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پاڻي معاهدي موجب هڪ صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي ڏانهن منتقل نٿو ڪري سگهجي، ۽ نه ئي اهو ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي ورڇ هڪ انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل مسئلو آهي جيڪو انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ڪنهن به صوبي جي حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ ممڪن ناهي. صوبن جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو ۽ مشاورت جي عمل کي وڌيڪ وڌايو ويندو. ٻئي طرف نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته ڪئنال معاملي تي صدر آصف زرداري وٽ مشاورت ٿي هئي ڪا منظوري نه ڏني وئي هئي نه ئي منظوري ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم سان ڳالهايو آهي ته ترڪي جي دوري تان واپس اچي هو ڪئنال معاملي تي ڳالهيون ڪندو. هن وقت ڪئنال نه ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته لڳندو ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ وارو الزام درست هو. جيڪو الزام هو ان جي صفائي ڏيڻ جو حق ته آهي.