شهدادپور(رپورٽ: حميد کوسو) شهدادپور ۾ قانون پڙهندڙ شاگردن جي تنظيم آل سنڌ لا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن (اسلا) طرفان ڪئنالن جي اڏاوت تي ٿيندڙ نقصانن بابت عوامي شعور پيدا ڪرڻ جي حوالي سان بار روم ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ قانون پڙهندڙ شاگردن ۽ وڪيل اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وڪيل اڳواڻن آغا افتخار ترين، مهدي رضا سومرو، دين محمد ٽالپر، فهد رضا پليجو، حسنين شيخ، ذيشان جمشير، مهدي عباس رند ۽ ٻين خطاب ۾ 6 نون ڪئنالن واري فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪندي وفاق کان فوري فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، وڪيل اڳواڻن چيو ته 1991ع واري معاهدي تحت سنڌ کي ملندڙ حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ارسا ۽ سنڌ حڪومت جي رڪارڊ موجب هر ٻئي سال پاڻي ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن موجب ڪئنالن جي اڏاوت سان ويتر سنڌ سُڪي ويندي ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي، وڪيل اڳواڻن چيو ته پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جون سهڪاري بڻيل ڌريون خاموش تماشائي وارو ڪرادر ڪري رهيون آهن، وڪيل اڳواڻن چيو ته پاڻي جي عالمي ماهرن پاران ڪوٽڙي وٽ گهٽ ۾ گهٽ 8.6 ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي راءِ ڏيڻ باوجود پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ڊيلٽا تباھ چڪي آهي، بدين ۽ ٻين علائقن مان لکين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، دريائي پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ لکين ايڪڙ زرخيز زمينون سمنڊ حوالي ٿي رهيون آهن. وڪيل برادري چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جياپي جو واحد ذريعو پاڻي آهي ۽ پاڻي تي ڪابه سوديبازي قبول نه ڪنداسين، هنن چيو ته وفاق پنجاب ۾ 6 نوان ڪئنال ڪڍي نفرت جو ٻج پوکي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته وفاق ڪئنال اڏڻ واري هوڏ تان لهي ۽ فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻن سان گڏ مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو ويندو.