بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف جي ڳوٺ  الله بخش جروار ۾ به ٻارڙن پاران سنڌو مٿان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ريلي جي اڳواڻي علي بهادر، شاهزين شبير ،شعبان جروار، عمران جروار، نور نبي جروار، غلام علي جروار ۽ ٻين ٻارڙن ڪئي، هنن جو مطالبو هو ته سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنالن جو هلندڙ ڪم بند ڪري سنڌو درياءَ کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.پاڻي اسان جو جياپو آهي ان لاءِ هر محاذ تائين آواز اٿارينداسين.