مورو(ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مسرور جتوئي جي مان ۾ مورو جي سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ عبدالله ڪورائي طرفان آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي مسرور جتوئي چيو ته سنڌ ھن وقت تمام گھڻين ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي، پاڻي جيڪو اسان جو جياپو آھي، اھو پڻ کسڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي پر سنڌ جو عوام ڪڏھن به ائين ٿيڻ نه ڏيندو، ھن چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪون هلڻ شروع ٿي وينديون، ھن چيو ته مورو اسان جو اباڻو شهر آھي ان سان گڏ عوام اسان جي طاقت آھي، هميشه عوام سان گڏ آهيون ۽ گڏ هونداسين.