کهڙا(ن پ ا) کھڙا ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رپڙي روڊ تي واقع ڪٻاڙي عنايت ملاح جي دڪان تي ڪاهه ڪري مبينا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته واپاري پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، دڪاندارن زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾گمس اسپتال منتقل ڪيو، ڪٻاڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي دڪان تي ويٺو هيس ته ڪليري برادري جي ماڻهن ڦر ڪرڻ جي ارادي سان دڪان تي ڪاهه ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري گوليون هڻي زخمي ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، پوليس ٻڌايو ته گذريل ڏينهن واپاري جي ڪار ۽ ڪليري برادري جي نوجوان جي  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي ڪري واپاري نوجوان کي مارڪٽ ڪئي هئي، جنهن ڪري واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.