کھڙا (ن پ ا) کھڙا لڳ اڄڻ ڪليري تڪرار تان قتل ٿيل 3 ڄڻن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، 20 پوليس پڪٽون قائم. ايس ايس پي ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ٽنڊو مستي ٿاڻن تي اڄڻ برادري سان تعلق رکندڙ 10پوليس اھلڪارن کي ھٽائي ڇڏيو، رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڊرٻ ميهر شاهه ۾ اڄڻ ڪليري تڪرار تان قتل ٿيل 3 ڄڻن جي پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ برادري ۽ آس پاس جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، مقتول سجاد ڪليري کي ڳوٺ ڪليري، گدا بڙدي کي شھيد بادشاهه ۽ اسلم اڄڻ کي شيخ طيب جي قبرستانن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ٽنڊو مستي ٿائي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ کھڙا ۽ ڊرٻ ميهر شاهه جي اھم روڊن ۽ جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ 20 پوليس پڪٽون قائم ڪيون آھن، ايس ايس پي خيرپور ڊرٻ ميهر شاهه چوڪي ۽ ٽنڊو مستي ٿائي تي مقرر اڄڻ برادري سان تعلق رکندڙ پوليس چوڪي انچارج پرويز احمد اڄڻ، ٽنڊومستي ٿائي جي وڏي منشي سڀر اڄڻ سميت 10پوليس اھلڪارن کي ھٽائي ڇڏيو آهي.