سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جي ڪرڪيٽر مچل اسٽارڪ کُڙي جي انجري کي چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏڻ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ مچل اسٽارڪ ڪجهه ذاتي سببن کي به دستبرداري جو ڪارڻ قرار ڏيندي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏڻ جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ ڪجهه ذاتي هئا ۽ منهنجي کُڙي مسلسل تڪيلف هئي. اسٽارڪ وڌيڪ چيو ته جلد ئي آءِ پي ايل به شروع ٿيڻ واري آهي، پر سڀ کان اهم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل آهي، جنهن لاءِ مان پنهنجي جسم کي تيار رکڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته ايندڙ ٻن مهينن دوران ڪجهه ڪرڪيٽ کيڏندس پوءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ تياري ڪندس. . ياد رهي ته فاسٽ بالر چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آسٽريليا جي اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل هو، پر پوءِ هن ذاتي سببن جي بنياد تي ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ورتو هو.