کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه لڳڻ سبب 4 پورهيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب شھر جي سانگهڙ روڊ تي حر ڪالوني ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 4 پورهيتن محرم، منور، احمد ۽ محسن سولنگي جا گھر سڙي رک ويا، متاثرن موجب باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل کٽون، بسترا، اناج، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.