کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو ۾ چرچ جي پادري جي بورچي جي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان جنسي ڏاڍائي، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، شروعاتي رپورٽ ۾ شاگردياڻي سان ڏاڍائي جي تصديق، تفصيل موجب عيسائي ڪالوني ۾ وحشي صفت جوابدار ساجن عيسائي چرچ ڀرسان ٺھيل ڪمري ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي انجلي ڌيءُ چندر کي زيادتي جو نشانو بڻايو، شاگردياڻي جي رڙين تي پاڙي وارن پھچي جوابدار کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو، شاگردياڻي جي وارثن موجب اسان جي نياڻي سان چرچ جي پادري جي بورچي ساجن ڏاڍائي ڪئي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڊاڪٽرياڻي شاگردياڻي سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي، پوليس موجب نينگري جي وارثن واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو  آھي، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.