کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ يونين ڪائونسل بلاول ھنڱورجو جي ملازمن 9 مھينن کان پگھارون بند ھئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالله ڀٽي، دليپ ڪمار ۽ عبدالستار راڄڙ چيو ته يونين ڪائونسل جي سڀني ملازمن جون گذريل 9 مھينن کان پگھارون بند آهن، ھنن چيو ته پگھارون بند ھئڻ سبب ملازمن جا ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سندن تعليم تباھ ٿي رھي آھي، بيماري ٿيڻ تي علاج ڪرائڻ جا به پئسا ناھن، هنن چيئرمين فضل ھنڱورجو 9 مھينن کان دلاسا ڏئي رھيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارو ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.