کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ سرحل شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ميرپورخاص مک روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي عبدالله سميجو، چوڌري فرمان، سردار مڱريو، نظر حسين آرائين ۽ ٻين چيو ته 3 مھينا گذري چڪا آھن پر سرحل شاخ کي مسلسل بند ڪيو ويو آهي، جنھن سبب فصل سڪي تباھه ٿي رھيا آھن، هنن چيو ته پاڻي نه هئڻ ڪري چوپايو مال پڻ مري رھيو آھي، ھنن چيو ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آھيون، آبادگارن مطالبو ڪيو ته جيستائين سرحل شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو، بعد ۾ ايس ڊي او ايريگيشن فضل ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالھيون ڪري چيو ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪجھه ڪلاڪن لاءِ سرحل شاخ ۾ پاڻي کوليون ٿا جڏھن ته اربع جي ڏينھن کان واري سان سرحل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو، خاطري ڪرائڻ بعد آبادگارن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.