کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ پوليس عدالتي حڪم تي سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي 6 پورھيتن کي بازياب ڪرائي ورتو، تفصيل موجب کپرو پوليس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم تي ڳوٺ کوڙي ۾ پورھتين کان جبري پورهيو ڪرائيندڙ رمضان راڄڙ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي چمن ڪولھي، ورجو ڪولھي، گوندا ڪولھي، ڪملي ڪولھي سميت 6 پورھيتن کي بازياب ڪرائي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کين پنھنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بازياب ڪرايل پورھيتن جو چوڻ هو ته سرن جي بٺي تي پورھيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آھيون، بٺي مالڪ رمضان راڄڙ زبردستي ڪيترن ئي ڏينهن کان جبري پورهيو ڪرائي رهيو هو.