کپرو (ن پ ا) کپرو جي شاهه بخش شاخ ۾ گاڏيون ڌوئيندڙ پورهيت جو ٻه ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي. شاه بخش شاخ ۾ واٽر سپلاء اسڪيم کي پاڻي پهچائيندڙ واٽر وٽ لاش ڏسي راهيگرن پوليس کي اطلاع ڏنو. ايگل پوليس اهلڪارن ۽ ميونسپل عملي جي مدد سان لاش ڪڍي تعلقي اسپتال پهچايو. اطلاع تي سانگهڙ مان آئي ٽي انچارج ڪرائيم سيل يونٽ سانگهڙ جي ٽيم پهچي مڙهه ڏٺو ۽ کيسي ۾ پيل موبائيل مان سم ڪڍي ان سم سيو ٿيل نمبرن تي ڪال ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي. بعد ۾ فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ دين محمد سنگراسي واسي وسنو ولد راوتو ڀيل طور ٿي. اطلاع تي فوتي جا وارث پهتا ۽ مڙهه والد جي حوالي ڪيو ويو. فوتي جي وارثن موجب ٻڏي فوت ٿيل همراهه کي مرگهي جو دورو پوندو هو. ٿي سگهي ٿو دورو پيو هجي هو.