کپرو (ن پ ا) کپرو ويجھو کاھي ٿاڻي جي حد موڙو ڪولھي اسٽاپ وٽ 12 سالا پريم ولد جھامن ڪولھي رستي تان گذري رھيو ھو ته کيس ٽريڪٽر ٽرالي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر ٿڏي تي تي فوت ٿي ويو، حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.